اصغر عباس جعفري جي شهادت سان ايم ڪيو ايم هڪ سينيئر ڪارڪن کان محروم ٿي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جناب الطاف حسين جي پنجاب جي صدر ميان عتيق، چنيوٽ جي ضلعي صدر ٻين ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان اصغر عباس شهيد جي شهادت تي دلي تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛ 18 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فون تي پنجاب جي صدر ميان عتيق، چنيوٽ جي صدر چوڌري اظهر مسعود، سيڪريٽري جنرل راڻا تجمل ۽ ٻين ذميوارن سان اصغر عباس شهيد جي شهادت تي دلي تعزيت ۽ وڏي ڏک جو اظهار ڪندي فرمايو ته اصغر عباس جي شهادت سان ايم ڪيو ايم هڪ سينيئر ڪارڪن کان محروم ٿي وئي آهي ۽ اهو ايم ڪيو ايم جي لاءِ وڏو نقصان آهي.