Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم چنيوٽ جي سينيئر نائب صدر سيد اصغر عباس شهيد کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


پنجاب ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم چنيوٽ جي سينيئر نائب صدر سيد اصغر عباس شهيد کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
 Posted on: 12/18/2014
پنجاب ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم چنيوٽ جي سينيئر نائب صدر سيد اصغر عباس شهيد کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
چنيوٽ؛ 18 ڊسمبر 2014
            گذريل ڏينهن دهشت گردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم چنيوٽ جي سينيئر نائب صدر سيد اصغر عباس کي چنيوٽ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، شهيد جي جنازي نماز چنيوٽ جي تحصيل چوڪ ۾ ادا ڪئي وئي.جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ، پنجاب جي صدر ميان عتيق، حق پرست قومي اسيمبلي ميمبرن، شيعا علماء ڪائونسل پنجاب جي صدر مظهر عباس علوي، وحدت المسلمين جي صوبائي صدر محمد حسين ، معروف عالم ناصر شيرازي ۽ ٻين کان علاوه ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.تدفين جي موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي ميان عتيق چيو ته اصغر عباس شهيد جي قتل تي ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن غمزده آهي ۽ جيڪڏهن ڪوئي اهو سمجهي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي شهيد ڪري اهو ايم ڪيو ايم کي پنجاب ۾ ڦيلجڻ کان روڪي سگهي ٿو ته اها ان جي ڀل آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين پنهنجي ڪارڪنن کي پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪن ٿا ۽ ملڪ دشمنن جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي کي روڪڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي 3 ايم پي ايز ۽ هڪ قومي اسيمبلي ميمبر، ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي شهيد ڪيو آهي. انهن پنجاب حڪومت کي چيو ته اها اصغر عباس شهيد جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اسان صرف ڌرڻا ڏيڻ تي نه ڀائينداسين بلڪه يا ته اسان رهنداسين يا پوءِ حڪومت رهندي.
***

7/17/2024 8:27:05 PM