قومي انسداد دهشت گردي جي ايڪشن پلان جي تياري جي لاءِ پارليماني ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ بابر غوري نمائندگي ڪندا.
رابطا ڪميٽي پاڪستان انچارج قمر منصور جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ٻنهي نالن جي توثيق ڪري ڇڏي.
ڪراچي؛ 18 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن پاڻ ۾ صلاح مشوري کان پوءِ قومي انسداد دهشت گردي جي ايڪشن پلان جي تياري جي لاءِ قائم ٿيڻ واري خصوصي پارليماني ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سينيٽر بابر غوري نمائندگي ڪندا. ان ڳالھ جو فيصلو رابطا ڪميٽي جي انچارج قمر منصور جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ٻنهي نالن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.