Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اصغر عباس جي شهادت تحريڪ جو تمام وڏو نقصان آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اصغر عباس جي شهادت تحريڪ جو تمام وڏو نقصان آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/18/2014
اصغر عباس جي شهادت تحريڪ جو تمام وڏو نقصان آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مسلم ليگ ن جي حڪومت اصغر عباس جي قتل جي ذميوار آهي جيڪا اهل تشيع جي قاتلن کي نه صرف سياسي بلڪه مالي سپورٽ به ڪري آهي.
اصغر عباس شهيد جي وڏي ڀاءُ احمد عباس سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ٽيليفون تي تعزيت.
لنڊن؛ 18 ڊسمبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم چنيوٽ ضلع جي سينيئر نائب صدر سيد اصغر عباس جي شهادت تحريڪ جو تمام وڏو نقصان آهي ۽ انهن جي شهادت سان تحريڪ هڪ سينيئر، مخلص ۽ ثابت قدم ساٿي کان محروم ٿي وئي آهي. اها ڳالھ انهن سيد اصغر عباس جي وڏي ڀاءُ احمد عباس جعفري سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين شهيد جي وڏي ڀاءُ سان تعزيت جو اظهار ڪندي فرمايو ته اصغر عباس جي شهادت تي مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. وحشي دهشت گردن سالن کان تحريڪ جي لاءِ ڪم ڪندڙ منهنجي پياري بهادر ۽ ثابت قدم ساٿي کي شهيد ڪري ڇڏيو، جناب الطاف حسين فرمايو ته اصغر عباس جي قتل ۾ پابندي وڌل تنظيمون، لشڪر جهنگوي ۽ سپاھ صحابه ملوث آهن. جن کي موجوده حڪومت سپورٽ ڪري رهي آهي. مسلم ليگ ن جي حڪومت اصغر عباس جي قتل جي ذميوار آهي جيڪا اهل تشيع جي قاتلن کي نه صرف سياسي بلڪه مالي سپورٽ به ڪري رهي آهي. انهن فرمايو ته تحريڪ جي لاءِ سيد اصغر عباس جون خدمتون ناقابل فراموش آهن ۽ انهن جو نالو راھِ حق جي شهيدن ۾ شامل ٿي چڪو آهي ۽ اصغر عباس جو نالو تاريخ ۾ به هميشه زنده رهندو.جناب الطاف حسين شهيد جي ڀاءُ ۽ ٻئي اهل خانه کي چيو ته اوهان صبر ڪريو انشاء الله تعالٰي شهيد جا قاتل الله سائين جي عذاب کان نه بچي سگهندا. اصغر عباس شهيد جي وڏي ڀاءُ احمد عباس جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اوهان ۽ تحريڪ جي ٻين ذميوارن ڏک جي ان گهڙي ۾ جهڙي طرح سان اسان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ اسان جو ڏک ونڊيو آهي ان سان اسان کي وڏو حوصلو مليو آهي ۽ اصغر عباس جي شهادت جي باوجود حق جي جدوجهد جاري رهندي ۽ انشاء الله تعالٰي اسان حق پرستي جي مشن کي جاري رکنداسين. انهن جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعا به ڪئي
 

7/17/2024 8:41:01 PM