Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه پشاور کان پوءِ هاڻي پوري قوم آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڏانهن ڏسي رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سانحه پشاور کان پوءِ هاڻي پوري قوم آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڏانهن ڏسي رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/18/2014
سانحه پشاور کان پوءِ هاڻي پوري قوم آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڏانهن ڏسي رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جنرل راحيل شريف شهرين جي جان و مال جي تحفظ ۽ پوري ملڪ کي دهشت گردن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻن.
آرمي چيف ۽ آئي ايس آئي جا سربراھ پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن جي قاتلن کي گرفتار ڪرائين، موجوده حڪومت جا ماڻهو لشڪر جهنگوي، سپاھ صحابه، طالبان ۽ دهشت گردن کي سپورٽ ڪن ٿا. سانحه پشاور جي حوالي سان خصوصي انٽرويو ۾ خيالن جو اظهار.
لنڊن؛ 18 ڊسمبر 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سانحه پشاور کان پوءِ هاڻي پوري قوم جي اميد صرف پاڪ فوج ڏانهن آهي ۽ پوري قوم هاڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڏانهن ڏسي رهي آهي ۽ انهن کي چئي رهي آهي ته شهرين جي جان و مال جي تحفظ ۽ پوري ملڪ کي دهشت گردن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ. اها ڳالھ انهن سانحه پشاور جي حوالي سان ڏنل هڪ انٽرويو ۾ فرمائي.انهن پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ اسٽاف جي وحشياڻي قتل عام جي واقعي جي هڪ ڀيرو ٻيهر سخت ترين لفطن ۾ مذمت ڪئي ۽ سانحي جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ڪندي فرمايو ته ان سانحي تي پوري قوم رت جا ڳوڙها وهائي رهي آهي. ان سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها ان دهشت گردي جي خلاف متحد ٿي وئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ان کان اڳ به پوليس ۽ ايف سي جي چوڪين ، فوج، نيوي ۽ فضائيه جي هيڊ ڪوارٽرن، جي ايڇ ڪيو ۽ ٻين حساس هنڌن تي دهشت گردن حملا ڪيا ۽ پاڪ فوج سميت هزارين بي گناهن کي شهيد ڪري ڇڏيو پر فوج جي ماضي جي قيادت ان دهشت گردي جي روڪٿام جي لاءِ ان طرح جرتمنداڻه ايڪشن نه ڪيو جهڙي طرح موجوده آرمي چيف جنرل راحيل شريف اتر وزيرستان ۾ طالبان دهشت گردن جي خلاف ڪري رهيا آهن.انهن فرمايو ته موجوده حڪومت مذهبي انتها پسند جماعتن کي سپورٽ ڪري رهي آهي، انهن جي مالي سپورٽ ڪري رهي آهي ۽ اها طالبان دهشت گردن جو نالو وٺڻ جي لاءِ به تيار نه آهي، گذريل ڏينهن جي اجلاس ۾ به صرف رسمي ڪاروائي ڪئي وئي آهي، اهڙي ۾ قوم جي واحد اميد جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي سربراھ جنرل رضوان اختر کان آهي ته اهي پوري ملڪ کان دهشت گردن جو صفايو ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻن.جناب الطاف حسين فرمايو ته جي ايڇ ڪيو، نيول بيس مهراڻ ۽ ڪامراھ ايئر بيس تي طالبان دهشت گردن جي حملن وانگر پشاور ۾ به آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ انتهائي خطرناڪ حملي ۽ قتل عام جي واقعي ۾ به طالبان دهشت گردن کي اندر جي ڪجھ ماڻهن جي مدد ۽ رهنمائي حاصل هئي. ان جي ڪري جنرل رضوان اختر انهن اطلاعن جي تحقيقات ڪرائين ۽ ڏسن ته اسان جي صفن ۾ ڪهڙا ماڻهو شامل آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو پيو وڃي پر حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي، لشڪر جهنگوي، سپاھ صحابه، طالبان ۽ داعش کي موجوده حڪومت جا ماڻهو سپورٽ ڪري رهيا آهن. انهن جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي سربراھ کي اپيل ڪئي ته اهي اصغر عباس شهيد، بائو محمد انور شهيد ۽ محترمه طاهره آصف شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪري.انهن فرمايو ته عمران خان پنهنجي مفاد جي لاءِ نواز شريف سان معاملا طئي ڪري ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي روئيندي ڇڏي بني گاله هليا ويا،جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالھ آهي. ان تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي پاڻ سوچڻ گهرجي.انهن فرمايو ته عمران پاڻ کي لبرل چون ٿا جڏهن ته انهن اڃان تائين طالبان جو نالو وٺي ڪري مذمت نه ڪئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ڪرپشن فري معاشرو ۽ ملڪ کي دهشت گردن کان پاڪ ڏسڻ چاهيان ٿو. مان اهڙو پاڪستان چاهيان ٿو جتي هر فقه، مسلڪ، ايستائين جو غير مسلمن جي عبادتگاهن جي به حفاظت هجي. هنڌو، سک، عيسائي يا ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندا هجن انهن کي هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان آزادي سان رهڻ جو حق حاصل آهي.اهڙي طرح احمدي جن کي غير مسلم قرار ڏنو ويو آهي انهن جي جان و مال ۽ عبادتگاهون به محفوظ نه آهن. احمدين، پارسين، ۽ ٻين مذهبي اقليتن کي به پاڪستاني شهري جي حيثيت سان پنهنجن عقيدن جي مطابق زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ به حڪومت جو فرض آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪجھ مذهبي انتها پسند عناصر اهو قرار ڏين ٿا ته اهل تشيع مسلمان نه آهن. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پاڪستان به مسلمان نه آهي ۽ اسلام جو قلعو نه آهي.جيڪڏهن اهل تشيع ڪافر آهن ته پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح ۽ انهن جي بڻايل پاڪستان جي باري ۾ اوهان ڇا چوندو، ڇو ته قائد اعظم پاڻ خوجه اثنائي عشري شيعه هئا. انهن جي وفات ٿي ته انهن جون ٻه جنازي نماز ادا ڪيون ويون، هڪ مولانا شبير احمد عثماني پڙهائي ۽ ٻئي هڪ شيعه عالم پڙهائي. انهن فرمايو ته اسلام ۾ مسلڪ جي اعتبار سان پنج وڏا امام گذريا آهن. جن ۾ امام مالڪ، امام شافعي، امام حنبل، امام ابو حنيفه ۽ امام جعفر صادق شامل آهن. پر انهن مان ڪنهن به امام هڪ ٻئي کي يا انهن جي مڃڻ وارن کي ڪافر قرار نه ڏنو، ان جي ڪري اسان کي به فقه ۽ مسلڪ جي بنياد تي هڪ ٻئي سان جهيڙو نه ڪرڻ گهرجي.اسان سڀ هڪ الله ، هڪ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم ۽ هڪ قرآن پاڪ جا مڃڻ وارا آهيون. ان جي ڪري اسان کي گهرجي ته اسان پاڻ ۾ فرقي وارانه هم آهنگي قائم رکون ۽ هڪ ٻئي جو احترام ڪريون. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي تمام فقهن ۽ مسلڪن جي مڃڻ وارن جي وچ ۾ محبت ۽ اتحاد قائم ڪري.

7/17/2024 8:36:44 PM