قومي يڪجهتي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ تي تمام سياسي و مذهبي جماعتن، فنڪارن، واپارين، صنعتڪارن، وڪيلن، استادن، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي سان جناب الطاف حسين جي طرفان تشڪر جو اظهار.
لنڊن؛ 20 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سانحه پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي پونئرن ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ٿيندڙ قومي يڪجهتي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ وارن تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن، ديني تنظيمن ، فنڪارن، واپارين، فنڪارن، استادن ، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ تي انهن جو شڪريو به ادا ڪيو آهي.