Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سچل ڳوٺ ٿاڻي جي ساده لباس پهريل اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم سچل ڳوٺ جي پنجن ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هند تي منتقل ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


سچل ڳوٺ ٿاڻي جي ساده لباس پهريل اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم سچل ڳوٺ جي پنجن ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هند تي منتقل ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 12/20/2014
سچل ڳوٺ ٿاڻي جي ساده لباس پهريل اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم سچل ڳوٺ جي پنجن ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هند تي منتقل ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
سجن علي کوکر، حق نواز ، عادل ڀٽو، گل شيراز، اڪبر شاھ، محمد عاصم، محمد ثاقب، انيس احمد ، محمد شاهد ۽ محمد عمير سميت سهيل جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 20 ڊسمبر 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سچل ڳوٺ ٿاڻي جي ساده لباس پهريل اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائزنگ ڪميٽي سچل ڳوٺ جي ڪارڪنن ۽ ايم ڪيو ايم سوسائٽي سيڪٽر جي يونٽ انچارج سهيل جي گرفتاري ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هند تي منتقل ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سچل ڳوٺ جي ڪارڪنن سجن علي کوکر، حق نواز، عادل ڀٽو، گل شير ۽ اڪبر شاھ کي سچل ٿاڻي جي ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن موسميات جي ويجهو ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن اهي تبت سينٽر تي ايم ڪيو ايم جي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ وڃي رهيا هئا.اهلڪار انهن کي موبائيل ۾ وجهي ڪري کڻي ويا.رابطا ڪميٽي چيو ته اهڙي طرح ئي گذريل ڏينهن قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 123 جي ڪارڪنن محمد عاصم ۽ ثاقب کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته لائينز ايريا سيڪٽر جي ڪارڪن انيس احمد کي گرفتار ڪيو ويو، اورنگي کان 124 جي ڪارڪن محمد شاهد کي گرفتار ڪيو ويو، ان کان علاوه محمد سهيل، سوسائٽي يونٽ 64 جي انچارج سهيل کي به گرفتار ڪيو ويو. انهن چيو ته ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي باري ۾ هن مهل تائين ڪجھ به نه پيو ٻڌايو وڃي.رابطا ڪميٽي چيو ته انهن جي گهر وارن کي خوف آهي ته ايم ڪيو ايم جي ٻين ڪارڪنن وانگر ڪٿي انهن کي به سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ شهيد نه ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل ڪجھ ڏينهن جي دوران ايم ڪيو ايم جي 25 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو ويو آهي جن جون پٽيشنون عدالتن ۾ داخل آهن پر هن مهل تائين عدالتون انهن کي بازياب ڪرائڻ کان قاصر آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته ڪالھ فيڊرل بي ايريا جي ڪارڪن سيد عدنان رضا کي به فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتاري جو نوٽس وٺن ۽ انهن کي جلد کان جلد بازياب ڪرائين.

6/30/2024 11:23:26 AM