متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو هنگامي گڏيل اجلاس.
ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عامر خان ۽ حيدرعباس رضوي کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو.
جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.
ڪراچي؛ 21 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو هڪ گڏيل هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي معاملن تي غور و خوض ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عامر خان ۽ حيدرعباس رضوي کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.