Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مولانا عبدالعزيز جو ڌمڪي وارو وڊيو پيغام وڏو ڪوڙو، شرمناڪ ۽ قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مولانا عبدالعزيز جو ڌمڪي وارو وڊيو پيغام وڏو ڪوڙو، شرمناڪ ۽ قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/21/2014
مولانا عبدالعزيز جو ڌمڪي وارو وڊيو پيغام وڏو ڪوڙو، شرمناڪ ۽ قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مسجد ضرار اسلام ۽ مسلمانن کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي هئي انهي جي ڪري الله تعالٰي جي حڪم سان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم صحابه ڪرام کي ان مسجد ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو هو .
لال مسجد ۽ مدرسه حفصه جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪلاشنڪوف، ڏنڍن ۽ ٻين هٿيارن سان مسلح ٿي ڪري ڪيترن ئي ڏينهن تائين پوري اسلام آباد کي يرغمال بڻائي رکيو هو، ڇا اهو عمل اسلام جي تعليم جي مطابق هو؟
عالم سڳورا، بزرگ، ليکڪَ، تجزيه نگار، سياسي و مذهبي جماعتون، صحافي، استادَ ۽ اينڪر پرسن پنهنجي ضمير جي مطابق ٻڌائين ته مان پنهنجي بيان ۾ ڪيتري قدر صحيح يا غلط آهيان؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 21 ڊسمبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ پنهنجي خلاف لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز جي طرفان 20 ڊسمبر 2014 تي جاري ڪيل هڪ ڌمڪي واري وڊيو پيغام کي وڏو ڪوڙو، شرمناڪ ۽ قابل مذمت قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ طالبان دهشت گردن جي طرفان معصوم شاگردن جي قتل عام تي شهيدن جي پونئرن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 19 ڊسمبر تي تبت سينٽر ڪراچي ۾ منعقدڪئي ويندڙ قومي يڪجهتي جي ريلي کي پنهنجي خطاب ۾ قرآن پاڪ جي 63 هين سوره مبارڪ المنافقون جو شان نزول، ان جي تاريخ، ان جو ترجمو ۽ تفسير بيان ڪرڻ سان گڏو گڏ منافقن جي تعمير ڪيل مسجد ضرار جو واقعو به بيان ڪيو هو. اها مسجد اسلام ۽ مسلمانن کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي هئي. انهي جي ڪري الله تعالٰي جي حڪم سان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم صحابه ڪرام کي ان مسجد کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو هو. مان حڪومت کان مسجد ضرار وانگر لال مسجد کي ڪيرائڻ ۽ جامعه حفصه کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ڇو ته مسجد ضرار وانگر لال مسجد ۾ به مسلمانن جو روپ ڌاري  حقيقت ۾ اسلام ۽ مسلمانن کي نقصان پهچائڻ جي تبليغ ۽ عمل ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ اسلام جي نالي تي غير اسلامي ۽ غير شرعي حرڪتون ڪيون وينديون رهيون آهن ۽ اهو ڪم اڄ به جاري آهي. منهنجي ان مطالبي جي جواب ۾ لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز ڇنڇر جي رات جيڪو وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي اهو ڌمڪي وارو ئي نه پر ان وڊيو پيغام ۾ مولانا عبدالعزيز هڪ ڀيرو ٻيهر مڪر و فريب ۽ ڪوڙ کان ڪم وٺندي جيڪا غيراخلاقي زبان استعمال ڪئي آهي. اها انتهائي غيرمناسب ، شرمناڪ ۽ قابل مذمت آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو ارشاد پاڪ الله تعالٰي جي حڪم سان جاري ٿيو ۽ سرڪار دوعالم صلي الله عليه وسلم الله تعالٰي جي حڪم سان ئي صحابه ڪرام کي منافقن جي ٺاهيل مسجد ضرار کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو هو. انهن فرمايو ته جيڪڏهن اسلام جي نالي تي ٺاهيل ڪنهن مسجد ۾ اسلام ۽ مسلمانن کي نقصان پهچائڻ جو درس ۽ تبليغ ڏني وڃي ته اهڙي مسجد کي ضرار سان تشبيه نه ڏني وڃي ته ٻيو ڪهڙو نالو ڏنو وڃي . جناب الطاف حسين فرمايو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر مسجد ضرار جو حوالو ڏيڻ جي لاءِ قرآن پاڪ ڏانهن رجوع ڪري رهيو آهيان. قرآن پاڪ جي سيپاري نمبر 11 يعتذرون ۾ سوره نمبر 9 يعني توبه جي آيت نمبر 107 کان 110 تائين آيتن ۾ الله تعالٰي ارشاد فرمائي ٿو ته ڪجھ ماڻهو اهڙا آهن جن ان مقصد جي لاءِ مسجد ٺاهي ته اهي اسلام کي نقصان پهچائين ۽ ان ۾ ويهي ڪري ڪفر جون ڳالهيون ڪن ۽ ايماندارن ۾ تفرقو وجهن ۽  ان شخص جي قيام جو سامان ڪن جيڪو ان کان پهرين الله تعالٰي ۽ ان جي رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي مخالفت ڪندو رهيو آهي ۽ اهي ضرور قسمون کائي ڪري چوندا ته ڀلائي کان سواءِ اسان جي ڪائي به نيت نه آهي.حالانڪه الله تعالٰي گواهي ڏيئي ٿو ته بي شڪ اهي ڪوڙا آهن. اي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم اوهان ان ۾ ڪڏهن به قيام نه ڪجو، البته اها مسجد(مسجد قبا) جنهن جي بنياد پهرين ئي ڏينهن کان تقوٰي تي رکي وئي آهي ۽ اها ان ڳالھ جي وڌيڪ لائق آهي ته اوهان ان ۾ قيام ڪريو. ان ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ان ڳالھ کي پسند ڪن ٿا ته جيئن اهي صاف سٿرا رهن ۽ بيشڪ الله تعالٰي پاڪ رهڻ وارن کي پسند ڪري ٿو، ڇا اهو شخص جنهن پنهنجي عمارت جي بنياد الله تعالٰي جي خوف ۽ ان جي رضا ۽ خوشنودي تي رکي اهو بهتر آهي يا اهو جنهن پنهنجي عمارت جي بنياد ڪرڻ واري کائي جي ڪناري تي رکي آهي ۽ پوءِ اهو ان سان گڏ دوزخ  جي باھ ۾ وڃي ڪري ۽ الله تعالٰي ظالم قوم کي هدايت نه ٿو ڪري، انهن جي اها عمارت جنهن کي انهن بڻايو هو هميشه انهن جي دلين ۾ کٽڪندي رهندي.سواءِ ان جي ته انهن جا دل ئي فنا ٿي وڃن ۽ الله تعالٰي ڄاڻڻ وارو ۽ حڪمت وارو آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان تمام عالمن سڳورن، اينڪر پرسنن، تجزيه نگارن، دانشورن ۽ ليکڪن حضرات کي چوان ٿو ته اهي انهن آيتن جي روشني ۾ لال مسجد ۽ مدرسه حفصه ۾ ڏنل تعليم ۽ انهن جي عمل و ڪردار جو جائزو وٺن ۽ پوءِ پنهنجي ضمير جي مطابق فيصلوڪن ته ڇا انهن جي تعليم ۽ عمل و ڪردار اسلامي تعليم جي مطابق هو يا نه،ڪير نه ٿو ڄاڻي ته لال مسجد ۽ مسجد حفصه جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪلاشنڪوفن، ڏنڍن ۽ ٻين هٿيارن سان مسلح ٿي ڪري ڪيترن ئي ڏينهن تائين پوري اسلام آباد کي يرغمال بڻائي رکيو، هٿيارن جي زور تي چلڊرن لائبرري تي قبضو ڪيو. ڪارون هلائڻ وارين عورتن تي حملو ڪيو. بنا ڏاڙهي وارن ، هيئر ڪٽنگ جي دڪانن ۽ ڪيسٽن جو ڪاروبار ڪرڻ وارن جي دڪانن تي ڏنڍن ۽ ڪلاشنڪوفن سان حملو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ انهن کي مارڪٽ به ڪئي. ٿراپي ڪرڻ وارن مردن ۽ عورتن تي ڪوڙا الزام لڳائي ڪري انهن کي اغوا ڪيو ويو ۽ مدرسي ۾ وٺي وڃي ڪري انهن تي تشدد ڪيو ويو. مولانا عبدالعزيز پنهنجي مسجد ۽ مدرسي ۾ پڙهڻ وارن شاگردن کي ڪلاشنڪوف جي تربيت ڏيئي ڪري انهن جي ذريعي پوليس ۽ فوج جي چوڪين تي حملا ڪرايا ۽ ڪيترن ئي پوليس ۽ فوجين کي شهيد ۽ زخمي ڪيو. اها ڳالھ ريکارڊ تي موجود آهي ته مولانا عبدالعزيز لال مسجد۾ پنهنجن خطابن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خود ڪش حملن جو درس ڏنو، طالبان ۽ القائده جهڙي  دهشت گرد تنظيمن جي ڀرپور حمايت ڪئي.اهي طالبان ، القائده ۽ داعش جهڙين دهشت گرد تنظيمن جي صبح و شام تبليغ ۽ وڪالت ڪندا رهيا آهن ۽ اڄ تائين ڪندا رهيا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته هاڻي جڏهن ته طالبان ۽ القائده کان پوءِ داعش به پاڪستان ۾ پنهنجين سرگرمين جو آغاز ڪري چڪي آهي ته جامعه حفصه جي شاگردياڻين جو عربي زبان ۾ هڪ تازه ترين وڊيو پيغام انٽرنيٽ تي جاري ٿيو آهي. جنهن جو انگريزي ترجمو مان پنهنجي بيان سان گڏ منسلڪ ڪري رهيو آهيان، ان پيغام ۾ انهن اسامه بن لادن جو بدلو وٺڻ ۽ داعش جي سربراھ ابوبڪر البغدادي کي خليفو قرار ڏنو آهي ۽ پاڪستان ۾ داعش جي خلافت قائم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان تمام عالمن سڳورن، بزرگن، ليکڪن، تجزيه نگارن، سياسي و مذهبي جماعتن، صحافين، استادن ۽ اينڪرپرسنن کان سوال ڪريان ٿو ته منهنجين انهن ڳالهين جي روشني ۾ اوهان پنهنجي ضمير جي مطابق ٻڌايو ته مان پنهنجي بيان ۾ ڪيتري قدر صحيح يا غلط آهيان؟


7/17/2024 11:43:06 PM