Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌي اخبارَ عبد الله بن ابي جي نقش قدم تي هلي ڪري منافقانه ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 12/20/2014
سنڌي اخبارَ عبد الله بن ابي جي نقش قدم تي هلي ڪري منافقانه ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سنڌي اخبارن لکين ماڻهن جي ريلي کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته ڪجھ اخبارن ريلي جي خبر کي بلڪل غير نمايان ۽ ننڍڙو ڪري ڇاپيو.
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي گڏيل اجلاس کي خطاب.
لنڊن؛ 20 ڊسمبر 2014
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو آهي ته سنڌي اخبار عبد الله بن ابي جي نقش قدم تي هلندي منافقانه ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. انهن تمام مسلمانن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي قرآن مجيد جي 28 هين سيپاري ۾ موجود 63 هين سوره المنافقون جي باري ۾ وڏن عالمن جي تفسير جو مطالعو ڪري منهنجين بيان ڪيل حقيقتن جي تصديق ڪري سگهجي ٿي. اها ڳالھ جناب الطاف حسين گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي تحت تبت سينٽر تي منعقد ڪيل هڪ عظيم الشان قومي يڪجهتي ريلي جون شعبه اطلاعات کان تفصيلات معلوم ڪرڻ کان پوءِ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن کي خطاب ڪندي فرمائي، واضع رهي ته جمعي جي ڏينهن ايم ڪيو ايم جي تبت سينٽر تي قومي يڪجهتي ريلي ۾ ڪراچي جي تمام سياسي، مذهبي، لساني ۽ علاقائي جماعتن ۽ مسلڪن، فقهن، ۽ غير مسلم طبقن جي ترجماني ڪندي لکن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. پر گهڻن ئي سنڌي اخبارن ان ريلي کي پنهنجن اخبارن ۾ بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ ڪن اخبارن ان ريلي جي انتهائي غير نمايان ۽ ننڍڙي خبر چاپي آهي.

6/30/2024 11:23:44 AM