سانحه پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ آچر 21 ڊسمبر تي لنڊن ۾ ٽريلگر اسڪوائر تي ٿيندڙ تقريب ۾ عوام ۽ ڪارڪن َ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن. جناب الطاف حسين جي لنڊن،برهنگم، مانچسٽر، بريڊ فورڊ ۽ ٻين شهرن ۾ مقيم پاڪستانين کي اپيل.
لنڊن؛ 20 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لنڊن، برهنگم، مانچسٽر، بريڊ فورڊ ۽ ٻين شهرن ۾ مقيم پاڪستانين ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سانحه پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ آچر 21 ڊسمبر تي شام جو 4 وڳي لنڊن ۾ ٽريفلگر اسڪوائر تي ٿيندڙ يادگار تقريب ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن.جناب الطاف حسين آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيد ٻارن ، استادن ۽ اسٽاف کي سلام عقيدت به پيش ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.آمين.