ايم ڪيو ايم ڪي ايم او سي جي جوائنٽ انچارج اسلم بلوچ جي والده ۽ نائن زيرو بورڊ جي ميمبر گلزار جي والد جي تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي شرڪت .
ڪراچي؛11 نومبر2014
ايم ڪيو ايم ڪي ايم او سي جي جوائنٽ انچارج اسلم بلوچ جي والده محترمه گنج خاتون جي جنازي نماز قادريه مسجد داد خان ڳوٺ ملير ۽ تدفين دلبو قبرستان ۾ ڪئي وئي ، جڏهن ته نائن زيرو بورڊ جي ميمبر گلزار احمد جي والد محمد ممتاز مرحوم جي جنازي نماز نارٿ ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي ۽ انهن جي تدفين محمد شاھ قبرستان ۾ ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن احمد سليم صديقي، سيد شاڪر علي، سيف يار خان ، ڪهف الورٰي ۽ ٻين کان علاوه مرحومن جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي