جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم خيرپور زون جي زونل انچارج فتح علي رند جو ٽريفڪ حادثي جي جڳھ ۽ سول اسپتال خيرپور جو وفد سان گڏجي دورو.
خيرپور؛ 11 نومبر2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي خيرپور زون جي انچارج فتح علي رند وفد سان گڏجي ٽريفڪ حادثي جي جڳھ ۽ سول اسپتال جو دورو ڪيو. انهن زخمين جي جناب الطاف حسين جي طرفان عيادت ڪئي ۽ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پوئنرن کي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو پيغام پهچايو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.ان کان علاوه ڪي ڪي ايف سکر جي طرفان امدادي سرگرمين جي لاءِ ٻه ايمبولنسون به خيرپور روانا ڪيون ويون.