خيرپور ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ درجنين مسافرن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان دلي افسوس ۽ ڏک جو اظهار.
لنڊن؛11 نومبر2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين خيرپور۾ سوات کان ڪراچي ايندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر جي وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ درجنين ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو ٽريفڪ حادثو ڪنهن به سانحي کان گهٽ نه آهي.جناب الطاف حسين ان دردناڪ حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ تمام ماڻهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ تمام سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.ان کان علاوه انهن زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ان دردناڪ واقعي جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ زخمين کي هر ممڪن تعاون ۽ امداد فراهم ڪئي وڃي.