Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ٿر جي صورتحال تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ صوبائي وزيرن جا بيان“ عذر گناھ بدتر از گناھ ” آهي.غازي صلاح الدين.


ٿر جي صورتحال تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ صوبائي وزيرن جا بيان“ عذر گناھ بدتر از گناھ ” آهي.غازي صلاح الدين.
 Posted on: 11/12/2014
ٿر جي صورتحال تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ صوبائي وزيرن جا بيان“ عذر گناھ بدتر از گناھ ” آهي.غازي صلاح الدين.
پيلپز پارٽي جي حڪومت ٿر جي عوام کي انهن جي حال تي ڇڏي وڏو ظلم ڪيو آهي.غازي صلاح الدين.
ڪراچي؛12 نومبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي معاون غازي صلاح الدين چيو آهي ته وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي طرفان ٿر جي سنگين صورتحال تي پنهنجي نااهلي ۽ بد انتظامي کي تسليم ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي ذميواري ٻين تي وجهڻ “عذر گناھ بدتر از گناھ” آهي . پنهنجي هڪ بيان ۾ غازي صلاح الدين چيو ته پيپلز پارٽي 40 سالن کان پاڪستان تي حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ اها پيپلز پارٽي جي چوٿين حڪومت آهي ۽ قائم علي شاھ ٽيون ڀيرو سنڌ جا وزير اعلٰي بڻيا آهن ۽ پوري صوبي جا مالڪ و مختيار آهن پر ٿر جي صورتحال تي پي پي جي حڪومت جنهن بي حسي جو مظاهرو ڪيو آهي اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کان پي پي  انڪار ڪري نه ٿي سگهي.انهن چيو ته ٿر جي معصوم ٻارن جي هلاڪت تي افسوس ڪرڻ ۽ پنهنجي بدانتطامي ۽ نااهلي جو اعتراف ڪرڻ جي بجاءِ پي پي جا وزير چون ٿا ته ٻن ٻارن جي مرڻ تي ايڏو وڏو ڳوڙ ڪيو پيو وڃي ۽ اڄ وزير اعلٰي صاحب فرمائين ٿا ته ٻار بک ۽ اڃ جي ڪري نه پر ويم جي دوران مئا آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ته ڪجھ سال اڳ به جڏهن ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال پيدا ٿي ۽ بيماريون ڦيلجي ويون ته ان وقت به ايم ڪيو ايم اتي وڃي ڪري طبي و امدادي ڪيمپ قائم ڪيا هئا ۽ ٿر جي ماڻهن جي مدد ريڪارڊ تي موجود آهي ۽ اڄ به واحد جماعت ايم ڪيو ايم آهي جيڪا ٿر جي عوام جي مدد ڪري رهي آهي. پر پي پي ٿر جي ماڻهن جي ڪائي به مدد نه ڪئي آهي ۽ انهن کي انهن جي حال تي ڇڏي ڏنو آهي. انهن چيو ته ٻين تي ذميواري وجهي ڪري وزير اعلٰي سيد قائم علي شاھ ۽ انهن جي حڪومت ان معاملي مان نڪري نه ٿي سگهي ۽ پي پي جي حڪومت کي پنهنجي مجرمانه غفلت جو حساب ڏيڻو پوندو.

7/17/2024 8:18:29 PM