سينيئر سياستدان جاويد هاشمي جي همشيره( ڀيڻ ) جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 12 نومبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر سياستدان جاويد هاشمي جي همشيره( ڀيڻ) جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين جاويد هاشمي سميت مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي. انهن فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ تمام سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.