ايم ڪيو ايم خيرپور ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي.
اسلام آباد؛12 نومبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن رشيد گوڏيل ۽ ٻين خيرپور جي ٽريفڪ حادثي ۾ ڪيترن ئي قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي. اها تحريڪ التوا قومي اسيمبلي جي آئنده جي اجلاس ۾ زير بحث آندي ويندي. تحريڪ التوا ۾ حق پرست ميمبرن مطالبوڪيو آهي ته خيرپور ٽريفڪ حادثي ۾ ملوث ذميوارن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي.