ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر اسلم آفريدي جي خيرپور ٽريفڪ حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي جنازي نماز ۾ شرڪت.
ڪراچي؛ 12 نومبر2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اسلم آفريدي خيرپور ۾ ٿيندڙ دردناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ڪراچي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. هلاڪ ٿيندڙن جي جنازي نماز پراڻي سبزي منڊي ۾ ادا ڪئي وئي .اسلم آفريدي هلاڪ ٿيندڙن جي سوگوار پونئرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙماڻهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين