Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ٿر جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپن جو چوٿون ڏينهن.


ٿر جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپن جو چوٿون ڏينهن.
 Posted on: 11/12/2014
ٿر جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپن جو چوٿون ڏينهن.
ڇاڇرو،مٺي؛12 نومبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ٿر جي ڏڪار سٽيلن جي مدد جي لاءِ ڇاڇرو جي ڳوٺ ساڪرو ۾ چوٿين ڏينهن به امدادي ڪيمپ لڳايو ويو. جڏهن ته مٺي ۾ به ڪيمپ  جاري آهي. ڪيمپن ۾ امدادي سامان ورهايو پيو وڃي ۽ مريضن کي طبي سهولتون به فراهم ڪيون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي ، حق پرست ميمبرن ۽ ٻين ڇاڇرو ۽ مٺي ۾ لڳايل ڪيمپن جو دورو ڪيو ۽ متاثرن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اشفاق منگي ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل جي اسٽاف جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. ڏڪار سٽيلن ان موقعي تي پنهنجن جذبات جو اظهار ڪندي چيو ته اسان هر سال ٿر ۾ اهڙي طرح ئي ڏڪار جو شڪار ٿيون ٿا پر سنڌ حڪومت ان تي ڪڏهن به ڪا توجه نه ڏني آهي. اسان کي خوشي آهي ته جناب الطاف حسين ٿر جي متاثرن علائقن ۾ طبي و امدادي ڪيمپ لڳايا ۽ انهن ۾ اڻ ڄاتل مدي تائين اضافو به ڪري ڇڏيو آهي.ان موقعي تي متاثرن جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون.

7/17/2024 8:35:02 PM