Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ ۾ اهم مذهبي ڏينهن ۾ دهشت گرد مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.


ملڪ ۾ اهم مذهبي ڏينهن ۾ دهشت گرد مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 11/2/2014
ملڪ ۾ اهم مذهبي ڏينهن ۾ دهشت گرد مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
فساد ڦيلائڻ وارن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پاڻ ۾ برداشت ۽ مذهبي عقيدن جو احترام ضروري آهي.
 ڊاڪٽر فاروق ستار جي امام بارگاهن، سبيلن ۽ مجلسن جي دوري جي موقعي تي منتظمين سان ملاقات ۽ ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛2 نومبر 2014
            ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار جناب الطاف حسين جي هدايت تي محرم شريف ۾ مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ وفد سان گڏجي مختلف امام بارگاهن، سبيلن ۽ مجلسن جو دورو ڪيو ۽ منتظمين سان ملاقات ڪري جناب الطاف حسين جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي حق پرست ميمبر صوبائي اسيمبلي محمد دلاور، محمد ڪامران ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا.ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ اسلامي ڏڻڻ ۽ اهم مذهبي ڏينهن ۾ دهشت گرد مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجن مقصدن کي مذهب جو لبادو پارائي ڪري ملڪ ۾ انتشار جي فضا قائم ڪن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ ضروري آهي ته تمام مڪاتب فڪر جا عالم سڳورا ۽ عوام پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ مذهبي عقيدن جي احترام جي جذبي کي فروغ ڏين ته جيئن ملڪ ۾ فساد ڪرائڻ جي خواهشمند قوتن جا ارادا ناڪام بڻائي سگهجن.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد سياسي رهنما آهن جيڪي نه صرف سياست بلڪه مذهبي موقعن تي به پاڻ  ۾ محبت ۽ برداشت جي تعليم جي پرچار ڪن ٿا، اها ئي وجه آهي ته اڄ ايم ڪيو ايم ۾ ملڪ جي تمام مڪاتب فڪر ، عقيدن ۽ مذهبن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو وڏي تعداد ۾ هڪ آهن ۽ هر خوشي ۽ ڏک ۾ هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري شامل رهن ٿا. ان موقعي تي امام بارگاهن ، سبيلن ۽ مجلسن جي منتظمين جي شرڪاء مذهبي رواداري جي فروغ ۽ امن و محبت جي پرچار جي لاءِ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته اڄ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ عوامي نمائندن جي هتي موجودگي ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو فڪر و فلسفو امن و محبت آهي. جنهن تي عمل ڪري نه صرف پاڪستان بلڪه سڄي دنيا ۾ ڀائي چاري جو معاشرو قائم ڪري سگهجي ٿو. دوري جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ۽ امام بارگاهن جي منتظمين ملڪي سلامتي، تمام مڪاتب فڪر جي عوام ۾ ڀائيچاري ۽ محرم شريف ۾ امن و امان جي قيام جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون.

7/17/2024 8:40:42 PM