پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪمي ٿيڻ جي باوجود پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ ڪمي نه ٿيڻ صوبائي حڪومت جي بدديانتي جو ثبوت آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
ڪراچي؛2 نومبر2014
متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪمي جي باوجود سنڌ صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ ڪمي نه ٿيڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته صوبي ۾ عوام جي اڪثريت پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪري ٿي پر پيٽروليم جي قيمتن ۾ ڪمي کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪراين ۾ ڪمي ڪئي وئي آهي پر سنڌ صوبي ۾ حڪومت جي طرفان ڪراين ۾ ڪمي نه ڪئي وئي آهي.جيڪا ڳالھ ٽرانسپورٽ مافيا جي طرفان عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي برابر آهي.انهن صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي صوبي جي عوام کي رليف ڏيارڻ جي لاءِ فوري طور تي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ ڪمي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري.