واهگه بارڊر ڌماڪي جا ڪيترائي زخمي زندگي ۽ موت جي ڪشمش ۾ مختلف اسپتالن ۾ زير علاج آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم پنجاب جا ڪارڪنَ ۽ حق پرست عوام پنهنجو اخلاقي ۽ قومي فرض سمجهي ڪري وڏي تعداد ۾ رت جا عطيات ڏين.جناب الطاف حسين جي دردمندانه اپيل.
لنڊن؛2 نومبر2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين واهگه بارڊر جي علائقي ۾ خودڪش حملي تي افسوس جو اظهار ڪندي وڏي تعداد ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ دعا ڪئي آهي . پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترا ئي ماڻهو زخمي ٿيا آهن جيڪي زندگي ۽ موت جي ڪشمش ۾ مبتلا آهن ۽ انهن کي رت جي عطيات جي سخت ضرورت آهي. ان جي ڪري ايم ڪيو ايم پنجاب جي ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي مان دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته اهي پنهنجو قومي ۽ اخلاقي فرض سمجهندي مختلف اسپتالن ۾ زير علاج زخمين کي رت جا عطيات ڏين ته جيئن معصوم هم وطنن جي جان بچائي سگهجي.