Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

واهگه بارڊر جي ويجهو ٿيندڙ اهو خودڪش ڌماڪو پاڪستان جي پاڪ فوج، تمام رياستي ادارن ۽ حڪومت جي لاءِ هڪ کليل چيلنج آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


واهگه بارڊر جي ويجهو ٿيندڙ اهو خودڪش ڌماڪو پاڪستان جي پاڪ فوج، تمام رياستي ادارن ۽ حڪومت جي لاءِ هڪ کليل چيلنج آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/2/2014
واهگه بارڊر جي ويجهو ٿيندڙ اهو خودڪش ڌماڪو پاڪستان جي پاڪ فوج، تمام رياستي ادارن ۽ حڪومت جي لاءِ هڪ کليل چيلنج آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وزيرستان ۾ آپريشن جي ڪري دهشت گرد سڄي ملڪ ۾ ڦيلجي چڪا آهن ۽ مختلف نالن سان سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛2 نومبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور ۾ واهگه بارڊر جي ويجهو خودڪش ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ درجنين ماڻهن جي شهيد و زخمي ٿيڻ تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اسلام جو نالو وٺي ڪري بم ڌماڪا ڪرڻ وارا ۽ معصوم ۽ بي گناھ ڪلمو پڙهندڙ مسلمانن جي رت سان هولي کيڏڻ وارا وحشي نه ته اسلام جا دوست آهن، نه مسلمانن جا ۽ نه ئي پاڪستان جا دوست آهن بلڪه اهي عناصر اسلام، پاڪستان ۽ انسانيت جا کليل دشمن آهن.جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ واهگه بارڊر جي ويجهو ٿيندڙ اهو خودڪش ڌماڪو پاڪستان جي پاڪ فوج، تمام رياستي ادارن ۽ حڪومت جي لاءِ هڪ کليل چيلنج آهي. اهو ڌماڪو اسان سڀني جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان جي پاڪ فوج وزيرستان ۽ مختلف قبائلي علائقن ۾ انهن دهشت گردن جي خلاف ڀرپور جنگ ڪري رهي آهي ۽  دهشت گردن جو خاتمو ڪري رهي آهي پر وزيرستان ۾ آپريشن جي ڪري اهي دهشت گرد صرف خيبرپختونخواھ ۾ ئي نه بلڪه سڄي ملڪ ۾ ڦيلجي ويا آهن ۽ مختلف نالن سان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پوليس، رينجر ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز سان گڏو گڏ معصوم شهرين کي به پنهنجي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن. پر اسان هاڻي به حقيقتن کان انڪار ڪري رهيا آهيون.انهن فرمايو ته ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته انهن دهشت گردن جي خلاف آپريشن ضرب عضب جو دائرو وزيرستان کان وڌائي ڪري سڄي ملڪ ۾ ڦيلايو وڃي ۽ معصوم عوام جي رت سان هولي کيڏڻ وارن دهشت گردن جو پوري ملڪ مان خاتمو ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ شهرين ۽ رينجر جي جوانن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته وڏي پيماني تي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي اسپتالن ۾ رت جي ڪمي ٿي وئي آهي، ان جي ڪري مان عوام کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي اسپتالن ۾ پهچي ڪري زخمين جي لاءِ وڌي چڙهي ڪري رت جا عطيات ڏين.

7/17/2024 8:39:18 PM