Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ جي عوام جي اڪثريت اڄ ڀرپور انداز ۾ ڪارو ڏينهن ملهائي ڪري نون صوبن جي قيام جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سنڌ جي عوام جي اڪثريت اڄ  ڀرپور انداز ۾ ڪارو ڏينهن ملهائي ڪري نون صوبن جي قيام جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/26/2014
سنڌ جي عوام جي اڪثريت اڄ  ڀرپور انداز ۾ ڪارو ڏينهن ملهائي ڪري نون صوبن جي قيام جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
هاڻي سنڌ ۽ پوري ملڪ ۾ نون انتظامي يونٽن ۽ صوبن جي قيام جي ضرورت آهي.
پيپلز پارٽي جي تعصب پرست وڏيرن اردو ڳالهائڻ وارن سنڌين يعني مهاجرن کي ڪڏهن به سنڌي تسليم ئي نه ڪيو آهي.
ڪاري ڏينهن کي ڪامياب بڻائڻ تي تمام ٽرانسپورٽرن، واپارين  ۽ زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن سان جناب الطاف حسين جي طرفان تشڪر جو اظهار.
لنڊن؛ 26 آڪٽوبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سنڌ جي عوام جي اڪثريت اڄ ڀرپور انداز ۾ ڪارو ڏينهن ملهائي ڪري نون انتظامي يونٽن ۽ نون صوبن جي قيام جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. جنهن تي مان عوام کي زبردست خراج تحسين ، مبارڪباد ۽ سلام تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن اها ڳالھ حيدرآباد زونل آفيس ۾ زونل ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ٻين ذميوارن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پيپلز پارٽي جي تعصب پرست جاگيردارن ۽ وڏيرن اردو ڳالهائڻ وارن سنڌين يعني مهاجرن کي ڪڏهن به سنڌي تسليم ئي نه ڪيو آهي ۽ انهن تعصب ۽ نفرت جي بنياد 1973 ۾ رکي. پي پي پنهنجي پاڻ کي قومي جماعت چورائڻ جو دعوٰي ڪري ٿي پر تاريخ شاهد آهي ته پي پي هر دور ۾ پاڪستان ڪارڊ نه بلڪه سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو آهي. انهن فرمايو ته اڄ نه صرف ڪراچي بلڪه حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نواب شاھ، سانگهڙ، ٽنڊوآدم ، ٽنڊو الهيار، خيرپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ ڪشمور سميت سنڌ جي تمام سنڌي ڳالهائڻ وارن سنڌين ۽ اردو ڳالهائڻ وارن سنڌين يعني مهاجرن ايم ڪيو ايم جي اپيل تي پي پي جي ظلم جي حڪمراني، نفرت ۽ تعصب جي خلاف ڀرپور ڪارو ڏينهن ملهائي ڪري فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي ته هاڻي سنڌ ۽ پوري ملڪ ۾ نون انتظامي يونٽن ۽ صوبن جي قيام جي ضرورت آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڀرپور ۽ پرامن ڪارو ڏينهن ملهائڻ تي مان ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي عوام نوجوانن، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن کي خراج تحسين ۽ شاباش پيش ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته هاڻي سنڌي ڳالهائڻ وارن ۽ اردو ڳالهائڻ وارن يعني مهاجرن جو اهو گڏيل فيصلو آهي ته اهي گڏجي ڪري سنڌ کان ظلم جي فرسوده ، جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام ۽ ڪرپٽ ڪلچر جو خاتمو ڪندا. انهن حيدرآباد ۽ تمام زونن جي زونل ڪميٽين جي ميمبرن کي چيو ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارن ۽ تمام قومن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جو ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۾ ساٿ ڏيڻ تي ڀرپور شڪريو ادا ڪن. انهن ڪاري ڏينهن تي ڪاروبار، ٽرانسپورٽ، پيٽرول پمپَ ۽ ٻيون ڪاروباري سرگرميون بند رکڻ  ۽ ڪاري  ڏينهن کي ڪامياب بڻائڻ تي تمام ٽرانسپورٽرن ، واپارين ۽ زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جو به شڪريو ادا ڪيو. جناب الطاف حسين ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پرامن احتجاج ۾ حصو وٺڻ ۽ پرامن احتجاجي مظاهرا ڪرڻ تي سنڌ سان گڏو گڏ پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواھ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.

7/17/2024 8:27:33 PM