هندو برادري جي طرفان ديوالي جي موقعي تي جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو تي چراغ روشن ڪيا ويا.
ڪراچي؛27 آڪٽوبر2014
هندو برادري سان تعلق رکڻ واري هڪ وفد خورشيد بيگم سڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان ملاقات ڪئي ۽ تمام هندو برادري جي طرفان ديوالي جي موقعي تي جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي ۽ ايم ڪيو ايم جي ترقي جي لاءِ چراغ روشن ڪيا ۽ هندو عقيدي جي مطابق خوبصورت رنگولي سجائي.ان موقعي تي وفد ٻڌايو ته چراغ ۽ رنگولي سجائڻ جو مقصد اهو آهي ته جناب الطاف حسين جو گهر هميشه رنگن ۽ روشنين سان ڀريل رهي.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي وفد کي ديوالي جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مٽائي به پيش ڪئي ۽ عورتن ۾ مهندي، چوڙيون ۽ واليون به پيش ڪيون.