Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اعتزاز احسن جو بيان خورشيد شاھ جي بيان وانگر تحقير آميز،متعصبانه ۽ افسوسناڪ آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


اعتزاز احسن جو بيان خورشيد شاھ جي بيان وانگر تحقير آميز،متعصبانه ۽ افسوسناڪ آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 10/27/2014
اعتزاز احسن جو بيان خورشيد شاھ جي بيان وانگر تحقير آميز،متعصبانه ۽ افسوسناڪ آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
اعتزاز احسن تاريخ جو مطالعو ڪن ، گذريل 67 سالن ۾ ڪهڙن چورن ۽ ڌاڙيلن ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ قرضا معاف ڪرايا.
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس .
ڪراچي؛ 27 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي رهنما اعتزاز احسن جي طرفان اپوزيشن ليڊر خورشيد شاھ جي مهاجر لفظ کي گار قرار ڏيڻ واري بيان جي حمايت ۾ ڏنل بيان سان تمام پاڪستانين خصوصن مهاجرن جي دل آزاري ٿي آهي ۽ انهن جو اهو بيان خورشيد شاھ جي بيان وانگر تحقير آميز ۽ متعصبانه آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر احمد سليم صديقي، عارف خان، خالد سلطان ۽ يوسف شاهواڻي به موجود هئا.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اعتزاز احسن جي طرفان گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي طرفان ٿيندڙ احتجاجي مظاهري کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. انهن چيو ته اعتزاز احسن پنهنجي بيان ۾ خورشيد جي طرفان لفظ مهاجر کي گار قرار ڏيڻ تي ڪوئي به احتجاج يا تبصرو نه ڪيو بلڪه ان بيان جي ردعمل ۾ ٿيندڙ ڪامياب احتجاجي مظاهري کي تنقيد جو نشانو بڻايو،جيڪو سراسر غير اخلاقي آهي ۽ ان سان مهاجرن کي سخت صدمو پهتو آهي. انهن چيو ته اعتزاز احسن هڪ قابل وڪيل آهن پر ائين معلوم ٿئي ٿو ته جيئن خورشيد شاھ انهن کي پنهنجو وڪيل صفائي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهن  چيو ته اعتزاز احسن پنهنجي بيان ۾ مهاجرن ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جي مثال ڏني جيڪا افسوسناڪ ڳالھ آهي ڇو ته چور ۽ ڌاڙيل ڪنهن به قوم ۾ ٿي سگهن ٿا. انهن وڌيڪ چيو ته اعتزاز احسن تاريخ جو مطالعو ڪن ته انهن کي خبر پوندي ته گذريل 67 سالن ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن ملڪ کي ٻنهي هٿن سان ڪيئن لٽيو ، قرضا معاف ڪرايا ۽ ملڪ جي عوام کي پنهنجو غلام بڻائي رکيو جن جا سئيزرلينڊ ۾ بينڪ اڪائونٽَ به آهن .انهن چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت اندرون سنڌ ۾ لينڊ مافيا ۽ ڪرپٽ مافيا جي سرپرستي ڪري ٿي ۽ ان جا ڪيترائي صوبائي وزير ان ڪم ۾ ملوث آهن. جنهن جو اسان جلد ئي وائيٽ پيپر جاري ڪنداسين. پ پي حڪومت گذريل 7 سالن ۾ سنڌ جي شهري علائقن سان جيڪا ناانصافي ڪئي اها سڀني جي سامهون آهي پر جيڪڏهن اهو ئي پيسو لاڙڪاڻي، خيرپور، نوڏيرو ۽ اندرون سنڌ جي ٻين علائقن ۾ لڳايو وڃي ها ته اسان کي ڏک نه ٿئي ها ڇو ته اندرون جا علائقا به اسان جا پنهنجا آهن ۽ انهن علائقن ۾ رهندڙ عوام اسان جا ڀائر آهن ان جي ڪري اعتزاز احسن کي گهرجي ته اهي ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي جماعت جي روش تي نظر وجهن. انهن چيو ته جيترو اوهان جو پاڪستان ۽ صوبن جي مخالفت جو حق آهي اوترو ئي اسان جو صوبن جي وڌيڪ مطالبي جو حق آهي. ڇو ته اسان آبادي ۽ وسيلن کي نظر ۾ رکندي نون انتظامي يونٽن ۽ صوبن جي قيام جو مطالبو ڪيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان نون صوبن جي حوالي سان عوام جي رائي مظبوط ڪري رهيا آهيون جيڪو صوبن جي قيام جو آئيني ۽ قانوني طريقو آهي. اسان سان تعليمي ادارن ۾ داخلائن، ڀرتين ۽ وسيلن جي ورهاست ۾ ناانصافي ٿي رهي آهي. جنهن سان سنڌ جي شهري علائقن جو احساس محرومي تيزي سان وڌندو پيو وڃي ۽ اهڙي ۾ ان قسم جا بيان اسان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهن. اعتزاز احسن پهرين اسان سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ناانصافين جو مطالعو ڪن ۽ پوءِ اهڙي قسم جا بيان ڏين.


6/30/2024 11:15:10 AM