Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شيعن ۽ سنين سميت سڀئي مسلمانَ خدارا اتحاد بين المسلمين جي لاءِ هڪ ٻئي جو احترام ڪن ۽ شيعه سني فساد جي باھ ڀڙڪائڻ ۽ فرقي وارانه قتلن جي کلي ڪري مذمت ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


شيعن ۽ سنين سميت سڀئي مسلمانَ خدارا اتحاد بين المسلمين جي لاءِ هڪ ٻئي جو احترام ڪن ۽ شيعه سني فساد جي باھ ڀڙڪائڻ ۽ فرقي وارانه قتلن جي کلي ڪري مذمت ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/28/2014
شيعن ۽ سنين سميت سڀئي مسلمانَ خدارا اتحاد بين المسلمين جي لاءِ هڪ ٻئي جو احترام ڪن ۽ شيعه سني فساد جي باھ ڀڙڪائڻ ۽ فرقي وارانه قتلن جي کلي ڪري مذمت ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪربلا جو واقعو ڪنهن هڪ فقه يا مسلڪ جي مڃڻ وارن جي لاءِ نه بلڪه تمام دنيا جي مسلمانن جي لاءِ هڪ عظيم غم جو واقعو آهي.
شيعه سني پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ امن ڪميٽيون بڻائن ۽ فرقي وارانه فسادن جي سازشون ڪرڻ وارن تي ڪڙي نظر رکن.
ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي تمام تنظيمي ونگز ۽ شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب.
لنڊن؛28 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شيعن ۽ سنين سميت سڀني مسلمانن کي ڀرپور اپيل ڪئي آهي ته خدارا اتحاد بين المسلمين جي لاءِ اهي هڪ ٻئي جو احترام ڪن ۽ شيعه سني فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ ۽ فرقي وارانه قتلن جي کلي ڪري مذمت ڪن.اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي تمام تنظيمي ونگز ۽ شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمائي. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا.جناب الطاف حسين فرمايو ته دنيا جي تمام مذهبن جي الهامي ڪتابن ۾ انسانيت جي احترام، انصاف، مساوات، ايمانداري ۽ امانت جو درس ملي ٿو. تمام مذهب امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ کان پرهيز ڪرڻ، هميشه سچ ڳالهائڻ ۽ مظلومن جو ساٿ ڏيڻ جو درس ڏين ٿا. ڪوئي به مذهب نه ٿو چوي ته مظلومن جي بجاءِ ظالم بادشاهن ۽ حڪمرانن جو ساٿ ڏيو. ڪوڙن ۽ باطل پرستن جي حمايت ڪريو ۽ حق جو درس ڏيڻ وارن جي مخالفت ڪريو، هر مذهب اهو ئي درس ڏنو آهي ته سڀني سان انصاف ڪريو، حق وارن کي انهن جو حق ڏيو ۽ جڏهن ڪنهن قبيلي، ٽولي يا قوم جو ساٿ ڏيڻ يا مخالفت ڪرڻ جو مرحلو اچي ته پوءِ اهو ڏسو ته حق تي ڪير آهي ۽ ناحق تي ڪير آهي. جناب الطاف حسين محرم شريف جي حوالي سان قرآن مجيد جي سوره الڪوثر جو حوالو ڏيندي فرمايو ته ان ۾ الله تعالٰي ارشاد فرمايو آهي ته اسان توهان کي حوض ڪوثر عطا ڪيو،بس توهان پنهنجي رب جو شڪر ادا ڪندا رهو، نماز قائم ڪريو ۽ قرباني ڏيو. بيشڪ توهان جو دشمن ئي ذليل ۽ خوار ٿيندو. ان سوره مبارڪ ۾ قرباني ڏيڻ جو درس آهي ۽ قرباني صرف مال ئي جي نه بلڪه پنهنجين خواهشن،ماءُ پيءُ ۽ گهر بار جي به هوندي آهي ۽ وقت پئجي وڃي ته جان جي به قرباني ڏيڻي پوي ٿي. جيڪا انسان کي سڀني کان وڌيڪ پياري هوندي آهي. انهن فرمايو ته ڪربلا جي واقعي ۾ به اهل بيت قرآن مجيد ۾ بيان ڪيل ان فرمان الهٰي جي عين مطابق حق جي خاطر قرباني ڏني جيڪا قيامت تائين هڪ مثال آهي. ڪربلا ۾ هڪ طرف هزارن تي مشتمل يزيدي لشڪر هو، جيڪو تيرن، تلوارن، نيزن ۽ ٻين هٿيارن سان ليس هو ۽ ٻئي طرف اهل بيت جو ننڍڙو قافلو هو ۽ اهو بکيو ۽ اڃايل هو،جنهن تي پاڻي بند هو، ظلم جي انتها اها ته جڏهن حضرت عباس ڪيترن ئي ڏينهن کان اڃايل اهل بيت جي معصوم ٻارن جي لاءِ پاڻي وٺڻ جي لاءِ فرات نهر تي  پهتا ته ظالم يزيدين انهن تي تيرن جي برسات ڪري ڇڏي ۽ انهن جون ٻانهون وڍي ڇڏيون. انهن فرمايو ته ڪربلا جي ميدان ۾ ظالم يزيدين نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي ڏوهٽي حضرت امام عليه السلام سميت نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي گهراڻي جي ماڻهن کي هڪ هڪ ڪري بيدردي سان شهيد ڪري  صرف اهل بيت جو ئي نه پر حقيقت ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو رت وهايو. انهن فرمايو ته سوره ڪوثر ۾ الله تعالٰي جيڪو وعدو ڪيو هو ته بيشڪ توهان جو دشمن ذليل و خوار ٿيندو،اهو سامهون آيو ۽ اڄ به يزيد کي ڪوئي به سٺي نالي سان ياد نه ٿو ڪري جڏهن ته امام حسين ۽ حسينيت کي محبت ۽ عقيدت سان پکارين ٿا.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪربلا جو واقعو ڪنهن هڪ فقه يا مسلڪ جي مڃڻ وارن جي لاءِ نه بلڪه تمام دنيا جي مسلمانن جي لاءِ هڪ عظيم ڏک ۽ صدمي جو واقعو آهي.اها ئي وجه آهي ته صرف شيعه ئي نه بلڪه سني به عاشوره محرم ۾ غم حسين ملهائين ٿا. گهڻن ئي سنين جي گهرن ۾ ان دوران ڪنهن قسم جو ڳائڻ وڄائڻ يا خوشي جي ڪائي تقريب نه ٿي ٿئي، گهڻائي ماڻهو ان دوران روزا به رکن ٿا.انهن فرمايو ته جڏهن شيعه ۽ سني سڀئي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ۽ آل محمد صلي الله عليه وسلم سان محبت ۽ عقيدت رکن ٿا ته اسان فرقي وارانه تفريق ۾ ڇو پئون ٿا؟ فرقي وارانه ٽڪراءُ ڏانهن ڇو وڃون ٿا. فرقي وارانه قتل و غارتگري ڏانهن وڃڻ جو مطلب حسينيت جي پيروي ڪرڻ نه بلڪه يزيديت جي پيروڪاري ڪرڻ آهي.جناب الطاف حسين شيعن ۽ سنين سميت سڀني مسلمانن کي ڀرپور اپيل ڪئي ته خدارا اتحاد بين المسلمين جي لاءِ هڪ ٻئي جو احترام ڪريو ۽ شيعه سني فساد جي باھ ڀڙڪائڻ ۽ فرقي وارانه قتلن جي کلي ڪري مذمت ڪريو. شيعه سني عوام متحد ٿي ڪري پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ امن ڪيمٽيون بڻائڻ ۽ فرقي وارانه فسادن جي سازشون ڪرڻ وارن تي ڪڙي نظر رکن ۽ جيڪي ماڻهو فسادن جي سازش ڪندي نظر اچن انهن کي پڪڙي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي حوالي ڪريو. انهن ايم ڪيو ايم جي شعبن جي ميبرن کي چيو ته اوهان اهو نه سوچيو ته اتحاد بين المسلمين جي لاءِ ڪير ڪم ڪري رهيو آهي يا نه ڪري رهيو آهي بلڪه اوهان ان سلسلي ۾ ڀرپور ڪوششون ڪريو، الله تعالٰي اسان کي همت ۽ جرت عطا ڪري ته جيئن اسان فسادن کي روڪرائڻ جي طاقت به حاصل ڪريون. جناب الطاف حسين فرقي وارانه هم آهنگي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ وارن شيعن ۽ سنين عالمن سڳورن جي ڪوششن کي به ساراهيو.
*

6/30/2024 11:20:42 AM