Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم روشن خيال جماعت آهي، لفظ مهاجر کي گار قرار ڏيڻ تي خورشيد شاھ جي خلاف گستاخي رسول صلي الله عليه وسلم جي فيصلي جي لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ويو آهي.رئوف صديقي.


ايم ڪيو ايم روشن خيال جماعت آهي، لفظ مهاجر کي گار قرار ڏيڻ تي خورشيد شاھ جي خلاف گستاخي رسول صلي الله عليه وسلم جي فيصلي جي لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ويو آهي.رئوف صديقي.
 Posted on: 10/28/2014
ايم ڪيو ايم روشن خيال جماعت آهي، لفظ مهاجر کي گار قرار ڏيڻ تي خورشيد شاھ جي خلاف گستاخي رسول صلي الله عليه وسلم جي فيصلي جي لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ويو آهي.رئوف صديقي.
ايم ڪيو ايم ڪنهن جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ ۾ اڳرائي نه ڪئي آهي، اعتزاز احسن پنهنجي ليڊر شپ کي مشورو ڏين.
جناب الطاف حسين سنڌ جي هارين ۽ مزدورن جي دلين جي آواز آهن، سنڌ جا عوام ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيندا.
نائن زيرو تي خورشيد بيگم  سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان گڏجي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛28 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي رئوف صديقي چيو آهي ته جناب الطاف حسين جا پي پي پي تي گذريل پوين سالن ۾ وڏا احسان آهن، جڏهن پي پي پي جي حڪومت غرق ٿيڻ واري هئي ته ان وقت صرف ۽ صرف جناب الطاف حسين ئي هئا جن پي پي پي جي حڪومت کي بچايو. سنڌ جا مظلوم سنڌي جناب الطاف حسين کي پنهنجي لاءِ ظالمن کان نجات ڏياريندڙ سمجهن ٿا ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي هارين ۽ مزدورن جي دلين ۾ وسي ٿي.انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو  تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ڪيو ، ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر احمد سليم صديقي، سيف يار خان، اسلم آفريدي ، يوسف شاهواڻي ۽ رابطا ڪميٽي معاون غازي صلاح الدين به انهن سان گڏ هئا.رئوف صديقي چيو ته خورشيد شاھ نفرت ،تعصب ۽ پنهنجي جاگيرداراڻه سوچ جو اظهار ڪندي لفظ مهاجر کي چار ڀيرا گار قرار ڏنو ۽ پي پي پي جي اعتزاز احسن خورشيد شاھ جو مقدمو وڙهندي جناب الطاف حسين کي تنقيد جو نشانو بڻايو.انهن چيو ته نام نهاد سياسي دانشور مختلف ٽي ٽاڪ شوز ۾ مهاجر لفظ جي تشريح تارڪ الوطني سان ڪري رهيا آهن، پر لفظ مهاجر جي تشريح تارڪ وطن نه آهي ، انهن چيو ته جيڪو الله سائين ۽ ان جي رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي لاءِ هجرت ڪري ٿو اهو ئي مهاجر چورائي ٿو ۽ ان لفظ جي قرآن پاڪ ۽ حديث شريفن ۾ ڪيترن هنڌن تي ان لفظ جي تشريح ڪئي وئي آهي. ان جي ڪري قرآن پاڪ جي هڪ لفظ کي به غلط چوڻ وارو قرآن پاڪ جي گستاخي ڪرڻ جي زمري ۾ اچي ٿو، پر ان باوجود اسان کان اسرار ڪيو پيو وڃي ته درگزر ڪريو،اهو ان جي ڪري ته خورشيد شاھ حڪمران طبقي سان تعلق رکن ٿا.انهن چيو ته جيڪڏهن ڪوئي غير مسلم اها گستاخي ڪري ها ته ان جو پورو ڳوٺ ساڙيو وڃي ها ۽ ملڪي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀريل آهي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم روشن خيال ۽ لبرل جماعت ضرور آهي پر لادين نه آهي،اسان مسلمان آهيون ايم ڪيو ايم خورشيد شاھ جي طرفان لفظ مهاجر کي گار قرار ڏيڻ تي قانوني طور تي عدالت سان رجوع ڪري ورتو آهي.سينيٽر اعتزاز احسن کي لفظ مهاجر جي صحيح تشريح جي ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي ته اهي قرآن پاڪ ۽ حديث مبارڪن جو مطالعو ڪن.انهن چيو ته اعتزاز احسن مذهبي معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ ۽ ان کي سياست جي ور چڙهائڻ جي ڪوشش هرگز نه ڪن. انهن چيو ته اعتزاز احسن ايم ڪيو ايم جي قيادت کي مشورا ڏيڻ جي بجاءِ پنهنجي ليڊر شپ کي مشورو ڏين، ايم ڪيو ايم ڪڏهن به ڪنهن جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ ۾ اڳرائي نه ڪئي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته لکين ايڪڙ زمينن جا مالڪ جاگيردار ۽ وڏيرا اسان جا انصار نه آهن اسان جا انصار سنڌ جا مظلوم غريب هاري ۽ مزدور آهن جن جي حقن جي لاءِ ايم ڪيو ايم ڳالھ ڪري رهي آهي . اڄ سنڌ ۾ صوبا هجن ها ته ٿر ۾ سوين معصوم ٻار ۽ هاري نه مري رهيا هجن ها ۽ افسوس جو ان معاملي تي وزير اعلٰي قائم علي شاھ جي طرفان تحقير آميز بيان ڏنا پيا وڃن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم کي دهشت گرد چوڻ وارا ٻڌائين ته مرتضٰي ڀٽو کي ڪنهن قتل ڪيو ۽ رحمٰن ڊڪيٽ ۽ لياري گينگ وار جي سرپرستي ڪير ڪري رهيو آهي.

7/17/2024 11:49:57 PM