Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سازشي ٽولو هڪ ڀيرو ٻيهر شهر ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي لاءِ معصوم ماڻهن جو رت وهائي رهيو آهي.احمد سليم صديقي.


سازشي ٽولو هڪ ڀيرو ٻيهر شهر ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي لاءِ معصوم ماڻهن جو رت وهائي رهيو آهي.احمد سليم صديقي.
 Posted on: 10/28/2014
سازشي ٽولو هڪ ڀيرو ٻيهر شهر ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي لاءِ معصوم ماڻهن جو رت وهائي رهيو آهي.احمد سليم صديقي.
عالم سڳورا مذهبي رواداري جي فروغ  ۽ فرقي واريت جي خاتمي جي لاءِ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏين.سيف يار خان.
محرم شريف جي حوالي سان حافظ محمد سلفي ۽ مرزٰي يوسف سان الڳ الڳ ملاقاتون.
ڪراچي؛ 28 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي محرم شريف جي دوران مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ سيف يار خان حافظ محمد سلفي ۽ علامه مرزٰي يوسف سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.ان موقعي تي انهن سان گڏاسيمبلي ميمبر شيخ صلاح الدين، علماء ڪميٽي انچارج جاويد احمد ۽ ٻيا به گڏ هئا. رابطا ڪميٽي ملاقات جي دوران انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو پيغام به پهچايو. رابطا ڪميٽي ميمبرن انهن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سازشي ٽولو هڪ ڀيرو ٻيهر شهر ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي لاءِ معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن جو رت وهائي رهيو آهي. علماء ڪرام شهر ۾ ڀائي چاري جي فروغ جي لاءِ ۽ فرقي واريت جي خاتمي جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم سان گڏجي ڪري دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏين. ان موقعي تي حافظ محمد سلفي ۽ علامه مرزٰي يوسف خورشيد شاھ جي طرفان لفظ مهاجر کي گار قرار ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ انهن ايم ڪيو ايم جي طرفان ان سلسلي ۾ احتجاجي مظاهري کي ساراهيندي چيو ته خورشيد شاھ گستاخ رسول صلي الله عليه وسلم آهن. انهن فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ پنهنجي طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري به ڪرائي. ان کان پوءِ انهن تمام شهيدن جي مغفرت، محرم شريف ۾ امن و امان جي قيام ، فرقي واريت جي خاتمي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي سميت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر جي لاءِ دعائون به ڪيون.
 

7/17/2024 11:50:37 PM