Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عائشه منزل جي ويجهو اسلامڪ ريسرچ سينٽر امام بارگاھ ۾ خواتين جي مجلس جي دوران دستي بم حملي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


عائشه منزل جي ويجهو اسلامڪ ريسرچ سينٽر امام بارگاھ ۾ خواتين جي مجلس جي دوران دستي بم حملي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 10/28/2014
عائشه منزل جي ويجهو اسلامڪ ريسرچ سينٽر امام بارگاھ ۾ خواتين جي مجلس جي دوران دستي بم حملي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
عزادارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ بهتر قدم کنيا وڃن ته جيئن اهي مظلوم ڪربلا جي ياد کي بغير ڪنهن خوف جي ملهائي سگهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛28 آڪٽوبر 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عائشه منزل جي ويجهو اسلامڪ ريسرچ سينٽر امام بارگاھ تي عورتن جي مجلس جي دوران دستي بم حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان حملي جي نتيجي ۾ ڪجھ عورتن ۽ ٻارن جي سخت زخمي ٿيڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته وحشي صفت دهشت گرد محرم شريف ۾ امام بارگاهن کي نشانو بڻائي ڪري فساد جي باھ ڀڙڪائڻ چاهين ٿا اهو دستي بم حملو به انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. جناب الطاف حسين عالمن سڳورن ۽ مختلف مڪاتب فڪر جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي فرقي وارانه هم آهنگي ۽ ڀائي چاري جي فروغ جي لاءِ اتحاد جو مظاهرو ڪن ۽ امن دشمن قوتن جي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏين.جناب الطاف حسين ان حملي ۾ زخمي ٿيندڙ عورتن ۽ ٻارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته عزادارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ بهتر قدم کنيا وڃن ته جيئن اهي مظلوم ڪربلا جي ياد کي بغير ڪنهن خوف جي ملهائي سگهن.

7/17/2024 11:50:14 PM