Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ پنجن ڊويزنن ٺهڻ سان تقسيم نه ٿيو ته پنج صوبا به بڻجي وڃن ته سنڌ تقسيم نه ٿيندو ۽ سنڌ، سنڌ ئي رهندو.


سنڌ پنجن ڊويزنن ٺهڻ سان تقسيم نه ٿيو ته پنج صوبا به بڻجي وڃن ته سنڌ تقسيم نه ٿيندو ۽ سنڌ، سنڌ ئي رهندو.
 Posted on: 10/28/2014
سنڌ پنجن ڊويزنن ٺهڻ سان تقسيم نه ٿيو ته پنج صوبا به بڻجي وڃن ته سنڌ تقسيم نه ٿيندو ۽ سنڌ، سنڌ ئي رهندو.
مخالف جيڪڏهن صوبا بڻجڻ نه ٿا ڏين ته نه ڏين پر سنڌ کي 10 سالن جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪن ته اسان سنڌ کي دنيا جو ترقي يافته علائقو بڻائي ڪري ڏيکارينداسين.
جيڪڏهن نوان صوبا قائم ٿين ٿا ته وڏيرن ۽ جاگيردارن جو تسلط ڪمزرو ٿئي ٿو انهي جي ڪري اهي ان جي سخت مخالفت ڪن ٿا.
لال قلعه گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي سنڌي ڳالهائڻ وارن ذميوارن جي اجتماع کي فون تي خطاب.
ڪراچي؛ 28 آڪٽوبر2014
              متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سنڌ پنجن ڊويزنن ٺهڻ سان به تقسيم نه ٿيو ته پوءِ جيڪڏهن پنج صوبا به بڻجي وڃن ته تڏهن به سنڌ، سنڌ ئي رهندو ۽ تقسيم نه ٿيندو.جيڪي ماڻهو نون صوبن ۽ نون انتظامي يونٽن جي قيام جي مخالفت ڪن ٿا اهي جيڪڏهن صوبا بڻجڻ نه ٿا ڏين ته نه ڏين پر جيڪڏهن سنڌ کي 10 سالن جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪيو وڃي ته اسان سنڌ کي دنيا جو ترقي يافته علائقو بڻائي ڪري ڏيکارينداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي سنڌي ڳالهائڻ وارن ذميوارن جي اجتماع کي فون تي خطاب ڪندي ڪيو. اجتماع ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي تمام زونن جي زونل ڪميٽين، سيڪٽرن ۽ يونٽن جي سنڌي ڳالهائڻ وارن ذميوارن شرڪت ڪئي.اجتماع ۾ رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ اسيمبلين جا سنڌي ميمبر به موجود هئا.جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ شاھ لطيف ڀٽائي جي ڌرتي آهي،اها امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي، مان به ان ڌرتي تي ئي پيدا ٿيو آهيان ۽ هن ئي ڌرتي جو کاڌو ۽ انهي جو پاڻي پيتو آهي. منهنجو جيئڻ مرڻ هن ڌرتي سان ئي وابسته آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هندستان جي ورهاست کان اڳ ان وقت سنڌ تي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي حڪمراني هئي. جن ۾ اڪثريت جو تعلق هندو مذهب سان هو. جن جون وڏيون وڏيون جاگيرون ۽ زمينون هيون. قيام پاڪستان جي وقت انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو ته اهي هندو جيڪي پنهجيون جاگيرون ۽ جائيدادون ڇڏي ڪري انڊيا ايندا انهن کي انڊيا ۾ مسلمانن جون ڇڏيل زمينون ۽ جائيدادون به ڏنيون وينديون. ۽ هندو جيڪي جاگيرون  ۽ زمينون پاڪستان ۾ ڇڏي ويندا اهي ڇڏيل جائيدادون، زمينون ۽ گهر انهن مهاجرن کي ڏنا ويندا جيڪي انڊيا کان هجرت ڪري پاڪستان ايندا.انڊيا ۾ ته هتان کان هجرت ڪندڙ هندن کي ڇڏيل ملڪيتون ڏنيون ويون ۽ اڄ تائين ڏنيون پيون وڃن. پر پاڪستان ۾ هجرت ڪري ايندڙ مسلمانن کي ڇڏيل ملڪيتون ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو .جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ ۾ هندن جي مسلمان نوڪرن انهن جي زمينن تي قبضو ڪري ڇڏيو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته اڄ  سنڌ بنيادي سهولتن کان محروم آهي.انهن فرمايو ته قيام پاڪستان جي وقت سنڌ مان هندن جي وڃڻ کان پوءِ وڏيرن ۽ پاٿاريدارن انهن جي زمينن ۽ جاگيرن تي قبضو ڪري ورتو جن تي اڄ به قابض آهن. جن جا وڏا وڏا عاليشان محل آهن. انهن وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ٻارن جي لاءِ الڳ الڳ تعليمي ادارا ۽ اسپتال آهن. جڏهن ته سنڌ جي غريب سنڌين جي اڪثريت اڄ به پاڻي، تعليم ۽ زندگي جي ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهي.اندرون سنڌ ۾ اڄ به غريبن جي لاءِ ڪي به اسپتال، اسڪول ۽ ڪاليج نه آهن. انهن فرمايو ته وڏيرا ۽ نام نهاد قوم پرست سادڙن غريب سنڌين کي ورغلائي ڪري چون ٿا ته سنڌين جو حق مهاجرن ماريو آهي. مهاجرن اندرون سنڌ ترقي ٿيڻ نه ڏني آهي. انهن سوال ڪيو ته لاڙڪاڻي، نوڏيرو، رتوڏيرو ۽ اندرون سنڌ جي ٻين شهرن کان اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کٽندي آئي آهي يا پي پي پي ڪامياب ٿيندي آئي آهي. اتي ظالم وڏيرا اسڪولن کي پنهنجيون اوطاقون بڻائي ڇڏين ٿا. پنهنجي مرضي سان ڪنهن مرد کي پسند ڪندڙ نياڻي کي ڪاري قرار ڏيئي ڪري قتل ڪن ٿا. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي ماضي ۾ وزارت تعليم ملي ته اسان اندرون سنڌ ۾ 400 اسڪول قائم ڪيا. پر جيئن ئي ايم ڪيو ايم جي مخلوط حڪومت ختم ٿي ته سنڌ جي وڏيرن اسڪولن کي پنهنجيون اوطاقون ۽ مينهن جا واڙا ٺاهي ڇڏيا. انهن فرمايو ته الله تعالٰي الطاف حسين کي سنڌ ۾ پيدا ڪيو ۽ الطاف حسين غريب سنڌين کي به نجات ڏياريندو ۽ غريب مهاجرن کي ئي نه بلڪه پوري پاڪستان جي غريب مظلوم عوام کي به انهن ظالم جاگيردارن کان نجات ڏياريندو.انهن فرمايو ته جيڪي ماڻهو نون صوبن جي ڳالھ تي “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ” جا نعرا هڻڻ ٿا اسان انهن کي چئون ٿا ته اوهان جيڪڏهن صوبا بڻجڻ نه ٿا ڏيو ته نه ڏيو، پر سنڌ کي ڏهن سالن جي لاءِ ايم ڪيو ايم کي ڏيئي ڇڏيو ته اسان سنڌ کي دنيا جو ترقي يافته علائقو بڻائي ڪري ڏيکارينداسين. جناب الطاف حسين اجتماع ۾ موجود سنڌي ڳالهائڻ وارن ذميوارن ۽ تمام سنڌي نوجوانن کي چيو ته اوهان گوگل اوور جي پيڊيا ۾ وڃي ڪري پاڻ تحقيق ڪري وٺو ته دنيا جا ڪيترا ملڪ آهن جن جي قيام جي وقت انهن ۾ ڪيترا صوبا ۽ انتظامي يونٽ هئا ۽ آبادي وڌڻ جي ڪري هاڻي اتي ڪيترا صوبا ۽ انتطامي يونٽ آهن. انهن فرمايو ته جيڪڏهن نوان صوبا ۽ انتظامي يونٽ قائم ٿين ٿا ته وڏيرن ۽ جاگيردارن جو تسلط ڪمزور ٿئي ٿو، انهي جي ڪري اهي ان جي سخت مخالفت ڪن ٿا. اهي وڏيرا ۽ جاگيردار مڪاني اليڪشن جو سسٽم به نه ٿا اچڻ ڏين ڇو ته جيڪڏهن لوڪل گورنمينٽ سسٽم اچي وڃي ته جاگيردار ۽ وڏيرا ڪمزرو ٿين ٿا انهي جي ڪري اهي وڏيرا مڪاني اليڪشن به ٿيڻ نه ٿا ڏين ڇو ته ائين ٿيندو ته سنڌ جا غريب هاري نوجوان پنهنجي گهٽين جا ڪائونسلر بڻجندا.انهن فرمايو ته خيرپور رياست سنڌ ۾ هجڻ جي باوجود هڪ الڳ رياست هئي.جنهن جي ڪرنسي ۽ تشخص الڳ هو پر اها سنڌ جو حصو هئي. انهن فرمايو ته جڏهن پٽ وڏا ٿي وڃن ٿا ته انهن جو شاديون ٿين ٿيون ۽ ٻار به ٿين ٿا، خاندان وڌڻ جي ڪري اهي پنهنجو الڳ گهر وٺن ٿا پر ان سان انهن جو پنهنجي پيءُ ماءُ سان رشتو ختم نه ٿو ٿئي.انهن فرمايو ته مان سنڌ جو پٽ آهيان ۽ سنڌين کي پنهنجو ڀاءُ سمجهان ٿو،مان زباني دعوائن تي يقين نه ٿو رکان ۽ مان پنهنجي گهر عزيز آباد کان سنڌي ڳالهائڻ وارن کي ايم اين اي ۽ ايم پي اي بڻايو. جيڪي سنڌي وڏيرا اردو ڳالهائڻ وارن کي پنهنجو ڀاءُ ۽ سنڌ جو حصو چون ٿا اهي ڪنهن اردو ڳالهائڻ واري کي پنهنجي علائقي کان اليڪشن ويڙهائي ڪري ڏيکارين.انهن فرمايو ته گذريل ستن سالن جي دوران سنڌ کي اين ايف سي جي مد ۾ وفاق کان 3200 ارب رويپا مليا اهي ڪيڏانهن ويا.اهي پيسا سنڌ ۾ ڪٿي خرچ ٿيا. سنڌ ۾ ڪيترا اسڪول ، ڪاليج، اسپتال ۽ صحت جا مرڪز قائم ٿيا. ڪيترا روڊ ٺهيا. انهن فرمايو ته جڏهن ايم ڪيو  ايم جي حڪومت آئي ته سنڌ ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ اسپتال ٺهندا ۽ غريب سنڌين کي انهن جا حق ملندا. انهن فرمايو ته اڄ ٿر ۽ مٺي ۾ ٻار بک ۽ علاج معالجو نه ٿيڻ جي ڪري مري رهيا آهن پر حڪمرانن کي ان جو ڪوئي به احساس نه آهي.انهن وڏيرن پنهنجيون نجيون جيلون قائم ڪري رکيون آهن. جتي اهي پنهنجي خلاف آواز اٿارڻ وارن هارين کي قيد ڪري رکن ٿا.ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته انهن نجي جيلن جو خاتمو ٿيندو ۽ انهن وڏيرن کي قانون جو سامنو ڪرڻو پوندو.انهن فرمايو ته پوري پاڪستان ۾ سنڌ کي ڌاڙيل ڪلچر چئي ڪري بدنام ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ جيڪڏهن ڌاڙيل آهن ته اهي وڏيرن جي ظلمن جي ڪري ڌاڙيل بڻيا آهن. انهن اندرون سنڌ جي ڪجھ علائقن ۾ وڏيرن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي سنڌي ڳالهائڻ وارن ڪارڪنن کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو ته مان ڪنهن سان جهيڙو نه ٿو چاهيان پر جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم جي سنڌي ڳالهائڻ وارن ڪارڪنن کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائي رهيا آهن اهي اهو سلسلو بند ڪري ڇڏين نه ته عوام به پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندا.انهن تمام تر مشڪلاتن جي باجود تحريڪ جي لاءِ ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي سان جدوجهد ڪرڻ تي سنڌ جي تمام سنڌي ڳالهائڻ وارن ڪارڪنن کي سلام تحسين پيش ڪيو ۽ مختصر وقت ۾ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سڄي سنڌ کان ڪراچي اچڻ وارن سنڌي ذميوارن کي شاباش به پيش ڪئي.


7/17/2024 11:46:46 PM