Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ٿر پارڪر ۾ کاڌي پيتي ۽ دوائن جي نه ملڻ جي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


ٿر پارڪر ۾ کاڌي پيتي ۽ دوائن جي نه ملڻ جي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 10/29/2014
ٿر پارڪر ۾ کاڌي پيتي ۽ دوائن جي نه ملڻ جي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ماڻهن جي مسلسل فوت ٿيڻ جي باوجود به سنڌ حڪومت جي طرفان موثر قدم نه کڻڻ وڏو ظلم آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.

ڪراچي؛29 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ٿرپارڪر ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن جي نه ملڻ جي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن جي هلاڪت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٿرپارڪر ۾ ماڻهن جي مسلسل فوت ٿيڻ جي باوجود به ٺوس قدم نه کڻڻ سنڌ حڪومت جو وڏو ظلم آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ٿرپارڪر ۾ ماڻهن جو بک جي ڪري فوت ٿيڻ سان ثابت ٿي ويو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌي ڀائرن سان ڪيتري سچي آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ حڪومت جي وزيرن ۾ ذري برابر به انسانيت هجي ها ته اڄ ٿرپارڪر ۾ عورتون  ۽ ٻار بک ۾ نه مرن ها. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته ٿرپارڪر ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن جي نه ملڻ جي ڪري ماڻهن جي مسلسل فوت ٿيڻ جي واقعن تي سنڌ حڪومت جي مجرمانه غفلت ۽ خاموشي جو سنجيدگي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ ٿرپارڪر ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائڻ جي قلت کي دور ڪيو وڃي.
*****

7/17/2024 11:46:59 PM