Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حيدرآباد ۾ بم کي ناڪاره بڻائيندي زخمي ٿيندڙ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي انچارج سليم وستڙو جي شهادت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.


حيدرآباد ۾ بم کي ناڪاره بڻائيندي زخمي ٿيندڙ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي انچارج سليم وستڙو جي شهادت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
 Posted on: 10/29/2014
حيدرآباد ۾ بم کي ناڪاره بڻائيندي زخمي ٿيندڙ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي انچارج سليم وستڙو جي شهادت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛29 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حيدرآباد ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي انچارج سليم وستڙو جي طرفان بم کي ناڪاره بڻائيندي زخمي ٿيڻ کان پوءِ زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سليم وستڙو ڪيترن ئي سالن کان بمن کي ناڪاري بڻائي ڪري عوام جي جان و مال کي تحفظ فراهم ڪندا رهيا آهن،جنهن تي اهي زبردست خراج عقيدت جا مستحق آهن. رابطا ڪميٽي سليم وستڙو شهيد جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ تمام سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سليم وستڙو شهيد جي قرباني کي رائيگان نه وڃڻ ڏنو وڃي ۽ انهن جي پونئرن جي سار سنڀال ۽ ٻارن جي تعليم و تربيت جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن.
 

7/17/2024 11:50:14 PM