نيلوفر طوفان کي نظر ۾ رکندي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي متحرڪ ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت نيلوفر طوفان کي نظر ۾ رکندي ادارن کي فعال ڪري ۽ فوري طور تي ايمرجنسي نافذ ڪري.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛29 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ نيلوفر طوفان کي نظر ۾ رکندي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ڪي ڪي ايف جي ذميوارن جو هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيلوفر طوفان جو جائزو ورتو ويو.رابطا ڪميٽي ڪي ڪي ايف جي ذميوارن کي نذير حسين ميڊيڪل اسپتال، خورشيد بيگم فلاحي ڊسپينسرين ۽ ٻين طبي مرڪزن تي فوري طور تي ايمرجنسي نافذ ڪرڻ ۽ ڪي ڪي ايف جي ايمبولينسن کي ڪنهن به هنگامي صورتحال کان نڀرڻ جي لاءِ سڄي شهر ۾ اسٽينڊ بائي رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها نيلوفر طوفان کي سامهون رکندي شهر جي ادارن کي فعال ڪري ۽ فوري طور تي ايمرجنسي نافذ ڪري ته جيئن ڪنهن به وڏي حادثي کان بچاءُ ڪري سگهجي.