Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ ۾ فوري طور تي فوج جي نگراني ۾ آدمشماري ڪرائي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ملڪ ۾ فوري طور تي فوج جي نگراني ۾ آدمشماري ڪرائي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/29/2014
ملڪ ۾ فوري طور تي فوج جي نگراني ۾ آدمشماري ڪرائي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ فوري طور تي مڪاني اليڪشن ڪرايا وڃن ۽ بلدياتي نظام نافذ ڪيو وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن جي زير اهتمام فوري طور تي نئين سري سان تڪ بنديون ڪرايون وڃن.
ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جا رهنما مسئلن ۽ انهن جي حل جي لاءِ انتهائي موثر ۽ شريفانه طريقي سان ڳالهيون ڪن، گار گند جي بجاءِ دليلن جي بنياد تي “قائل ڪريو يا قائل ٿي وڃو” جي بنياد تي ڳالهيون ڪن.
ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي زونل آفيس تي هڪ ئي وقت پرهجوم ٽيليفونڪ ڪانفرنس کي خطاب.
ڪراچي؛29 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ فوري طور تي فوج جي نگراني ۾ آدمشماري ڪرائي وڃي ۽ آبادي جو سائنسي بنيادن تي تجزيو ڪيو وڃي ۽ ڪائونٽنگ ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي انهن جي نمائندگي جو جائز حق ملي سگهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ فوري طور تي مڪاني اليڪشن ڪرايا وڃن، بلدياتي نظام نافذ ڪيو وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن جي زير اهتمام فوري طور تي نئين سري سان تڪ بنديون ڪيون وڃن. اهو قائدو آهي ته جڏهن ڪنهن صوبي جي اڌ کان وڌيڪ آبادي کي هر طرح سان ڪٽڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ ان پاليسي کي مسلسل جاري رکيو وڃي ته ان آبادي جو حصو ڪٽڻ کان سواءِ به پاڻ ئي هڪ الڳ صوبو بڻجي وڃي ٿو.ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جي رهنمائن کي درخواست ڪندس ته اهي مسئلي ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ انتهائي موثر ۽ شريفانه طريقي سان ڳالهيون ۽ ڊبيٽ ڪن. گار گند جي بجاءِ دليلن جي بنياد تي “قائل ڪريو يا قائل ٿي وڃو” جي بنياد تي ڳالهيون ڪن. انهن واضع لفظن ۾ حڪومت سنڌ ۾ ٻيهر شموليت ۽ وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي ترديد ڪندي فرمايو ته ان حوالي سان نه ته ڪوئي اجلاس ٿيو آهي ۽ نه ئي اها شي زير غور آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي زونل آفيس تي هڪ ئي وقت ٿيندڙ پرهجوم ٽيليفونڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فرمايو.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي شعبن جا ذميوار به موجود هئا.جناب الطاف حسين اندرون سنڌ جي ڪجھ علائقن ۾ وڏيرن ۽ قوم پرستن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي سنڌي ڳالهائڻ وارن ڪارڪنن کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائڻ ۽ خوف زده ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي ۽ فرمايو ته هڪ شاگرد کي صرف ان بنياد تي اسڪول کان ڪڍيو ويو آهي جو ان جو والد ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن آهي. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڪورڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجر،آئي ايس آئي ۽ ايم آئي جي سربراهن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ، فوج ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ظلم ڪرڻ وارن کي نه روڪيو ۽ جيڪڏهن اندرون سنڌ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي خوف زده ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته عوام جي طرفان به رڌعمل اچي سگهي ٿو ۽ جڏهن عوام ان ظلم تي رڌعمل ڏين ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ، سياسي، مذهبي ۽ لساني جماعتون ان تي واويلا نه مچائين. ڪراچي ، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص ۽ جتي جتي ايم ڪيو ايم جي عددي طاقت آهي اهي پنهنجي طاقت سان ان ظلم کي روڪي ڪري پنهنجي سنڌي ڳالهائڻ وارن ساٿين جي جان و مال جو تحفظ ڪري سگهن ٿا. انهن فرمايو ته زيادتيون ڪرڻ وارن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن تي ظلم ڪري رهيا آهيو ته جنهن تي ظلم ٿي رهيو آهي ته ان کي به ٻه هٿ آهن. انهن فرمايو ته جيڪڏهن ڪنهن جماعت کي پنهنجو نظرياتي منشور عوام ۾ ڦيلائي ڪري ان کي قائل ڪرڻ، پنهنجو هم خيال بڻائڻ ۽ پنهنجي تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ جيڪڏهن ڏوھ قرار ڏنو وڃي ته ٻئي ڌر ان غيرمنصفانه عمل کي وڌيڪ ڪيتري عرصي تائين برداشت ڪري سگهي ٿي؟ جيڪڏهن هڪ جماعت ۾ شامل ٿيڻ وارن ماڻهن کي صرف ان بنياد تي ته اهي سنڌي اسپيڪنگ يا بلوچ اسپيڪنگ آهن ۽ اهي فلان فلان جماعت ۾ شامل نه ٿا ٿي سگهن ته پوءِ ان جو رڌعمل منطقي طور تي سخت صورت ۾ سامهون اچي ٿو.جنهن جو نقصان ملڪ کي به ٿئي ٿو ۽ صوبي کي به ٿئي ٿو. انهن پي پي ۽ ڪجھ قوم پرستن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف ڏنل اشتعال انگيز بيانن جي حوالي سان فرمايو ته ڇا هڪ مهذب ۽ سولائيزڊ قوم وانگر اپوزيشن جو وجود برداشت نه ٿا ڪري سگهون. ڇا اسان نقطه نظر جي اختلاف کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. ڇا اهو نه ٿو ٿي سگهي ته جمهوريت کي صحت مند طريقي سان پروان چڙهائڻ جي لاءِ اسان اپوزيشن ۾ رهي ڪري مخالفت براءِ مخالفت جو اصول اپنايون ۽ مثبت ڳالهين جي حمايت ۽ تعريف ڪريون ۽ حڪومت جي خلاف عوام جي قدمن تي ڀرپور تنقيد ڪريون ۽ احتجاج کي پرامن انداز ۾ ڪرڻ جي لاءِ مختلف طريقا اختيار نه ٿا ڪري سگهون. ڇا اسان سنڌ جي اڌ آبادي کي اپوزيشن يا مخالف سمجهندي صوبي ۾ ان جي وجود کي تسليم نه ٿا ڪري سگهون، ناانصافين جو اهو سلسلو جاري رهيو ته ڇا ناانصافين جو اهو عمل اختلافن کان وڌي ڪري دشمنين جو رخ اختيار نه ٿو ڪري سگهي.انهن فرمايو ته جڏهن اسان اهو چيو ته ملڪ ۾ 20 صوبن جي قيام جي ضرورت آهي لحاظه اهڙي طرح سنڌ ۾ سنڌ ون ۽ سنڌ ٽو جو فارمولو اپنائي ڪري سنڌ ۾ نئين سري سان حقن جو تعين ڪيو وڃي ته ان تي غور ڪرڻ جي بجاءِ ان جي خلاف واويلا مچايو ويو، سنڌ ون ۽ سنڌ ٽو جي ڳالھ ته اڄ ڪئي وئي آهي جڏهن ته سنڌ ون جو نالو استعمال ڪرڻ کان سواءِ 1973 ۾ ئي سنڌ کي اربن ۽ رورل ۾ تقسيم ڪري سنڌ ون  ۽ سنڌ ٽو جي تقسيم ڪري ڇڏي وئي هئي.هاڻي توهان ان کي رورل جو نالو ڏيو يا ٻيو ڪوئي به نالو ڏيو. انهن فرمايو ته ڪوئي به بغير ڪنهن جواز جي نون انتظامي يونٽن جو يا صوبن جو مطالبو نه ٿو ڪري ايستائين جو ڪنهن هڪ صوبي ۾ اڌ آبادي کان وڌيڪ آبادي کي انتظام ۽ اقتدار جي عمل کان ڊگهي عرصي تائين الڳ يا پري رکيو وڃي. اهو قائدو آهي ته دنيا ۾ ڪوئي به صوبو پنهنجي صوبي جي اڌ آبادي کي غير فعال ۽ غير موثر ڪري ان سان ٽئين درجي جي شهري جو سلوڪ ڪري ڊگهي عرصي تائين پاڻ سان گڏ رکي نه ٿو سگهي.اهو به قائدو آهي ته جڏهن ڪنهن صوبي جي اڌ آبادي کي هر طرح سان ڪٽڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ ان پاليسي کي مسلسل جاري رکيو وڃي ته ان آبادي جو حصو ڪٽڻ کان سواءِ به پاڻ ئي هڪ الڳ صوبو بڻجي وڃي ٿو. انهن ايم ڪيو ايم ۽ پي پي  جي تمام رهنمائن کي درخواست ڪئي ته اهي پنهنجين تقريرن ۾ مسئلي ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ انتهائي موثر ۽ شريفانه طريقي سان ڳالهيون ۽ ڊبيٽ ڪن ۽ گارگند جي بجاءِ دليلن جي بنياد تي قائل ڪريو يا قائل ٿي وڃو جي بنياد تي ڳالهيون ڪن.انهن سنڌ ۾ آدمشماري ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ ڌاندلي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته ماضي ۾ سنڌ جي وڏن جاگيردارن ۽ وڏيرن جي طرفان پنهنجي اقتدار ۾ اچڻ جي عمل کي لازمي بڻائڻ جي لاءِ جعلي ۽ هٿ ٺوڪيل ڳوٺن جي وجود ۽ آبادي کي ڊڪليئر ڪيو ويو ته جيئن ناجائز طريقي سان اليڪشن ڪٽندا رهن ۽ شهري سنڌ جي عوام کي انهن جي صحيح نمائندگي کان محروم رکيو وڃي. انهن فرمايو ته دنيا ۾ آدمشماري جو عمل مسلسل جاري رهي ٿو ته جيئن آبادي جي بنياد تي وسيلن، حقن ۽ عوام جي نمائندگي ٿي سگهي. پر اسان وٽ بدقسمتي سان ان کان راھ فرار اختيار ڪئي پئي وڃي ۽ اسٽيٽس ڪو جون قوتون هميشه آدمشماري ۾ رڪاوٽ بڻجنديون رهيون آهن. انهن فرمايو ته آدمشماري نه ٿيڻ جي ڪري طرح طرح جا مسئلا جنم وٺي رهيا آهن جيڪي هاڻي سنگين کان سنگين تر ٿيندا پيا وڃن. ان جي ڪري اسان جو مطالبو آهي ته فوج جي نگراني ۾ آدمشماري فوري طور تي مڪمل ڪئي وڃي. صوبي جي صحيح آبادي جو سائنسي بنيادن تي تجزيو ڪيو وڃي ۽ ڪائونٽنگ ڪئي وڃي. تڪ بندين جي حوالي سان جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن سنڌ حڪومت پنهنجي من ماني واريون تڪ بنديون ڪيون ته سپريم ڪورٽ ان عمل کي ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي تڪبنديون ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان جي ڪري الڪيشن ڪميشن تڪبنديون ڪرائي ۽ آبادي جي موجوده تناسب کي نظر ۾ رکيو وڃي. انهن فرمايو ته پوري مهذب دنيا ۾ بلدياتي نظام رائج آهي جنهن کي جمهوريت جي بنياد چيو وڃي ٿو. پر اسان جي ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون ان جو نفاذ ڪرڻ کان قاصر آهن ۽ انگريزن جي طرز تي غير چونڊيل نمائندن يعني بيوروڪريسي جي ميمبرن جي ذريعي مڪاني نظام هلايو وڃي ٿو جيڪي نه عوام مان هوندا آهن ۽ نه عوام کي دستياب هوندا آهن ۽ نه جوابده هوندا آهن. انهن واضع لفظن ۾ سنڌ حڪومت ۾ ٻيهر شموليت ۽ وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي ترديد ڪندي فرمايو ته ان حوالي سان نه ته ڪوئي اجلاس ٿيو ۽ نه اها ڳالھ زير غور آهي.ان حوالي سان ڦيلايل خبرن ۾ ڪائي به صداقت نه آهي.
*****


7/17/2024 11:52:22 PM