Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کان ڌار ٿئي ٿي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کان ڌار ٿئي ٿي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
 Posted on: 10/19/2014
ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کان ڌار ٿئي ٿي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
جناب الطاف حسين مشڪلاتن جي باوجود سنڌين ۽ مهاجرن جي وچ ۾ نفرتون ختم ڪرڻ جي لاءِ محبتن جا پُل ٻڌا.
مهاجر متروڪه سنڌ جا وارث ۽ مالڪ آهن ،جنهن کي اسان هر صورت ۾ وٺي ڪري رهنداسين.
مقدس نالي مهاجر کي گار ڏيڻ وارن تي خدا جو عذاب نازل ٿيندو، لفظ مهاجر کي گار ڏيڻ جو انجام مهاجر صوبي جو قيام ئي هوندو.
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي نائن زيرو تي هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب.
ڪراچي؛ 19 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي نائن زيرو تي هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته متحده قومي موومينٽ سنڌ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ٿي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا حق پرست ميمبر ۽ ڪارڪنن جي هڪ وڏي تعداد موجود هئي.هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اها پريس ڪانفرنس ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان و لنڊن ۽ سڄي دنيا ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي طرفان ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جولائي 1997 تائين مهاجر قومي موومينٽ هئي ۽ پيپلز پارٽي جي 1993 جي حڪومت جو هڪ بدترين آپريشن جو سامنو ڪري عوام جي سامهون آئي هئي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي هزارين جوانن جي لاشن جا تحفا اسان کي ڏنا ويا. ڪيترن ئي کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي کي لاپتا ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پوري قوم جي سينن ۾  باھ جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا ۽ شهري علائقن جي ڀتون انتقام جي صدائن سان گونجي رهيون هيون، پر اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن اسان کي نفرت ، تعصب ۽ لاشن جي سياست ڪرڻي هجي ها ته پي پي پي ته اسان جي لاءِ پورو ميدان سجائي ڇڏيو هو پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سنڌ ۾ ۽ پاڪستان مان نفرتن جي خاتمي ۽ عوام کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي لاءِ محبت جي سياست ڪئي ۽ مهاجر قومي موومينٽ کي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. انهن چيو ته اهو پهريون ڀيرو نه هو جڏهن ته ان کان اڳ به جڏهن 1989 ۾ حيدرآباد ۾ صرف ڪجھ ڪلاڪن ۾ 300 کان وڌيڪ مهاجرن کي شهيد ڪيو ويو ۽ شهري ۽ ٻهراڙي جي آبادي ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر ان وقت به جناب الطاف حسين اسٽيبلشمينٽ جي تمام تر ڌمڪين جي باوجود ان فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ۽ سنڌين ۽ مهاجرن ۾ نفرتن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ محبتن جا پُل ٻڌا ۽ جڏهن هڪ سنڌي کي وزير اعظم بڻجڻ جي لاءِ اسان جي اعتماد جي ووٽ جي ضرورت پئي ته ان وقت به جناب الطاف حسين انهن کي وزير اعظم بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حمايت ڪئي ۽ 2008 ۾ به تمام تر ڏکن ۽ سورن جي باوجود آصف علي زرداري هن در تي حمايت وٺڻ جي لاءِ آيا ته انهن کي مايوس نه موٽايو ويو. انهن چيو ته اسان پنهنجي حصي جون مشڪلاتون برداشت ڪري ورتيون آهن ۽ پنهنجي حصي جون قربانيون به ڏيئي ڇڏيون آهن پر ان جي باوجود پي پي پي اسان کي هميشه نفرتون، زيادتيون ۽ ناانصافيون ئي ڏنيون آهن. پر هاڻي انتها ٿي وئي آئي، پي پي پي جي رهنما جناب الطاف حسين جو نالو وٺي ڪري ڌمڪيون ڏيڻ لڳا آهن. عيد الاضحٰي جي ڏينهن بلاول زرداري بغير ڪنهن جواز جي جناب الطاف حسين جو نالو وٺي ڪري انهن کي ڌمڪي ڏني. جنهن سان سڄي دنيا ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۾ ڪاوڙ ڇائنجي وئي پر جناب الطاف حسين اسان کي صبر ڪرڻ جي تلقين ڪئي.جنهن کان پوءِ خورشيد شاھ لفظ مهاجر کي گار قرار ڏني ۽ ڪالھ بلاول زرداري پنهنجي جلسي ۾ جيڪا تقرير ڪئي ان کان پوءِ ته حمايت ڪرڻ جو ڪوئي به سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. انهن چيو ته اسان هر ڳالھ برداشت ڪري سگهون ٿا پر پنهنجي قائد جناب الطاف حسين جي متعلق ڪائي به ڳالھ برداشت نه ٿا ڪري سگهون. انهن چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان ۽ سنڌ جي ڀلائي جي خاطر مهاجر قومي موومينٽ کي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪيو هو پر اهو ان جي لاءِ نه ته ڪوئي مهاجر لفظ کي گار ڏيڻ جي همت ڪري سگهي. انهن چيو ته پي پي پي 1972 ۾ ڪوٽا سسٽم جي ذريعي شهري ۽ ٻهراڙي جي عوام جي وچ ۾ ڏار وڌو هو. جنهن کي فراموش ڪري نه ٿو سگهجي.انهن چيو ته ڪراچي وفاق جي روينيو ۾ 70 سيڪڙو ۽ سنڌ جا شهري علائقا سنڌ صوبي کي 95 سيڪڙو روينيو ڏين ٿا پر ان جو 5 سيڪڙو به ڪراچي کي نه ٿو ڏنو وڃي ۽ جيڪو ٿورو ڪجھ ملي پيو اهو به وزير اعلٰي هائوس ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ تي لڳايو وڃي ٿو، جتي شهري عوام جي ڪائي به نمائندگي موجود ئي نه آهي.بلڪه سنڌ سيڪريٽريٽ ته ائين لڳي ٿو ته ڄڻ اهو ڪراچي ۾ ته آهي ئي ڪو نه.18 هين ترميم جي ذريعي اهو طئي ٿيو هو ته اختيار وڌ کان وڌ هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا ويندا.پر پي پي پي جي سنڌ دشمن حڪومت اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجن هٿن ۾ وٺي ڇڏيا ۽ ڪراچي واٽر بورڊ ۽ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي به سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي بڻايو ويو آهي.پي پي پي جي حڪومت ۾ پيسا وٺي ڪري لکين نوڪريون ڏنيون ويون پر انهن  ۾ به شهري علائقن جو ڪوٽا ٻه سيڪڙو به نه آهي.انهن چيو ته اڄ به اسان جا ڪيترائي ڪارڪن لاپتا ۽ جيلن ۾ آهن ۽ مهاجر ٻارن جي نصيب ۾ بيروزگاري ، ماورائي عدالت قتل ۽ تعليمي استحصال آهي. پي پي پي جي صوبائي وزير تعليم پاڻ چيو ته جيڪڏهن حيدرآباد ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي جي قيام جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهي ان جي اڳيان ڀت بڻجي ڪري بيهندا. پر انهن ناانصافين جي ڪري جڏهن ايم ڪيو ايم چيو ته سنڌ 1 ۽ سنڌ 2 ۾ ورهائجي ويو آهي. سنڌ ٽو جيڪو ڪمائي ٿو سنڌ ون ان کي کائي ٿو، پاڪستان جي قيام جي وقت هن جي آبادي 5
 ڪروڙ هئي پر هاڻي 20 ڪروڙ ٿي وئي آهي ان جي ڪري ئي جناب الطاف حسين وڌ کان وڌ صوبن جي قيام جو مطالبو ڪيو هو پر ان مطالبي کي به نفرت جي نظر سان ڏٺو ويو پر ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ صوبن جي مطالبي کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندي.انهن چيو ته پي پي پي جي قيادت جاگيردارن ۽ وڏيرن جي جماعت آهي ۽ اهو ممڪن نه آهي ته جتي جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي هجي اتي انصاف ۽ تعليم جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي.انهن چيو ته بلاول زرداري سياست کي پنهنجو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. پر جناب الطاف حسين سنڌ جي شهري علائقن جي 98 سيڪڙو مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس نوجوانن کي اسيمبلين ۾ موڪلي انهن جي لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي.انهن چيو ته بلاول زرداري اسان کي ٻڌائين ته اهو ڪهڙو معيار آهي جنهن جي ڪري اهي چيئرمين بڻايا ويا ،جيڪڏهن اهو پيمانو موروثيت آهي ته به ڀٽي جو وارث هڪ ڀٽو ٿي سگهي ٿو زرداري نه.بلاول زرداري بمبينو سينيما جا وارث ته ٿي سگهن ٿا پر پي پي پي جا نه.بلاول زرداري جناب الطاف حسين جو جيئڻ حرام ڪرڻ جي ڳالھ ڪري رهيا آهن ته اهي 18 ڪروڙ عوام کي ٻڌائين ته ڇا انهن پنهنجي ماءُ جي قاتلن جو جيئڻ حرام ڪيو؟ڇا انهن مرتضٰي ڀٽي جي قاتلن جو جيئڻ حرام ڪيو؟ ڇا انهن ذوالفقار علي ڀٽي جي قاتلن جو جيئڻ حرام  ڪيو؟ اسان نفرت جي جواب ۾ نفرت جي زبان استعمال ڪرڻ نه ٿا چاهيون  پر هاڻي اسان جنهن رستي تي هلنداسين منزل به انهي رستي تي هوندي. انهن چيو ته مهاجر متروڪه سنڌ جا وارث ۽ مالڪ آهن جنهن کي اسان هر صورت ۾ وٺي ڪري رهنداسين.انهن چيو ته مهاجر لفظ کي گار ڏيڻ وارن تي الله سائين جو عذاب نازل ٿيندو ۽ لفظ مهاجر کي گار ڏيڻ جو انجام مهاجرن جي لاءِ صوبي جو قيام هوندو.ان اعلان کان پوءِ نائن زيرو تي موجود ڪارڪنن جهمريون پاتيون ۽ تمام گهڻا نعرا به هنيا.


7/17/2024 8:23:12 PM