ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت شوڪت جي عبدالستار ايڌي ۽ فيصل ايڌي سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ .
ڊاڪٽر نصرت ڌاڙي جي وارڌات تي جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي خيريت دريافت ڪئي.
ڪراچي؛19 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت شوڪت معروف سماجي رهنما عبدالستار ايڌي ۽ انهن جي صاحبزادي فيصل ايڌي سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ کارا در ميٺا در ۾ ايڌي سينٽر ۽ عبدالستار ايڌي جي رهائشگاھ تي ڌاڙي جي وارڌات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي افسوس جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر نصرت عبدالستار ايڌي ۽ انهن جي پٽ ۽ اسٽاف جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم جي طرفان ڌاڙي جي وارڌات ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري جي لاءِ ڀرپور مدد ۽ تعاون جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي عبدالستار ايڌي ۽ فيصل ايڌي ڌاڙي جي وارڌات تي خيريت دريافت ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان مدد ۽ تعاون جي خاطري ڪرائڻ تي جناب الطاف حسين سان دلي تشڪر جو اظهار ڪيو.