Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

محرم شريف جي موقعي تي نڪرندڙ ماتمي ۽ عزاداري جلوسن جي گذرگاهن تي انتظامَ ڪرائڻ جي لاءِ نائين زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ امام بارگاهن جي ٽرسٽيز ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن جو اجلاس.


محرم شريف جي موقعي تي نڪرندڙ ماتمي ۽ عزاداري جلوسن جي گذرگاهن تي انتظامَ ڪرائڻ جي لاءِ نائين زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ امام بارگاهن جي ٽرسٽيز ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن جو اجلاس.
 Posted on: 10/22/2014
محرم شريف جي موقعي تي نڪرندڙ ماتمي ۽ عزاداري جلوسن جي گذرگاهن تي انتظامَ ڪرائڻ جي لاءِ نائين زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ امام بارگاهن جي ٽرسٽيز ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن جو اجلاس.
جناب الطاف حسين محرم شريف جي موقعي تي هميشه تمام مڪاتب فڪر جي وچ ۾ فرقي وارانه هم آهنگي ، مذهبي رواداري ۽ ڀائي چاري جو درس ڏنو آهي.سيد حيدر عباس رضوي ۽ عبدالحسيب.
ڪراچي؛22 آڪٽوبر2014
              قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي برقرار رکڻ ۽ ماتمي جلوسن جي گذرگاهن تي لائٽنگ ، روڊن جي مرمت، صفائي سٿرائي ۽ ٻين انتظامن جي لاءِ اربع جي ڏينهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سڪريٽريٽ ۾ ڪراچي جي تمام امام بارگاهن جي ٽرسٽيز جو هڪ اجلاس ٿيو. جنهن کي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدرعباس رضوي، عبدالحسيب، عامرخان ۽ سيف يار خان خطاب ڪيو.اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن  قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي انهن جي تڪن جي امام بارگاهن جي ٽرسٽيز سان ملاقات ڪرائي، ان موقعي تي امام بارگاهن جي ٽرسٽيز اسيمبلي ميمبرن کي جلوسن جي گذرگاهن جي حوالي سان تفصيلات فراهم ڪيون. جن تي اسميبلي ميمبرن انهن کي پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين
ڏياريو.اجلاس کي خطاب ڪندي حيدرعباس رضوي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين محرم شريف جي موقعي تي تمام مڪاتب فڪر جي وچ ۾ فرقي وارانه هم آهنگي ، مذهبي رواداري ۽ ڀائي چاري جو درس ڏنو آهي.جيڪي ماڻهو محرم شريف جي موقعي تي شرانگيزي ۽ قتل و غارتگري جي سازشن جي ذريعي مسلمانن کي پاڻ  ۾ ويڙهائڻ چاهين ٿا اهي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي هوندي ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن. اجلاس کي رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب خطاب ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي انشاء الله تعالٰي جلوسن جي گذرگاهن تي حق پرست اسيمبلي ميمبرَ پنهنجن فنڊن مان لائيٽون، روڊن جي مرمت ۽ صفائي و سٿرائي جا انتظامَ ڪرائيندا.انهن تمام مڪاتب فڪر جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي محرم شريف جي موقعي تي پنهنجي آس پاس مشڪوڪ ماڻهن ۽ شين تي نظر رکن ۽ ان جي اطلاع فوري طور تي پوليس ۽ انتظاميه کي ڏين.
*

7/17/2024 8:23:30 PM