Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هجرتن جو عمل نون نون معاشرن کي جنم ڏيئي ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


هجرتن جو عمل نون نون معاشرن کي جنم ڏيئي ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/21/2014
هجرتن جو عمل نون نون معاشرن کي جنم ڏيئي ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
هجرتن جو عمل انساني تاريخ جو لازمي حصو آهي جنهن کان سواءِ انساني تاريخ مڪمل نه ٿي ٿئي.
سنڌ ۾ رهڻ وارا مختلف قومن ، قبيلن ۽ برادرين تي مشتمل آهن، جن جي پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ ۽ زبانون آهن، انهن مان گهڻائي ٻاهران اچي ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيا.
ڪجھ ماڻهو مهاجرن کي پناھ گزين قرار ڏيئي ڪري عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جڏهن ته مهاجر ۽ پناھ گزينن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
هجرت ڪرڻ وارن کي الله تعالٰي پاڻ قرآن پاڪ جي مختلف سورتن ۾ عزت ۽ احترام سان نوازيو آهي، ان جي ڪري هجرت ڪرڻ وارن ۽ لفظ مهاجر جي تذليل ۽ توهين ڪرڻ به فرمان الٰهي جي توهين آهي. هجرت ۽ مهاجر جي موضوع تي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ليڪچر.
لنڊن؛21 آڪٽوبر2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته هجرتن جو عمل نون نون معاشرن کي جنم ڏيئي ٿو، هجرتن جو عمل انساني تاريخ جو لازمي حصو آهي جنهن کان سواءِ انساني تاريخ مڪمل نه ٿي ٿئي.انهن اها ڳالھ “هجرت ۽ مهاجر ” جي موضوع تي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڏنل هڪ ليڪچر ۾ فرمائي. ان ليڪچر ۾ رابطا ڪميٽي، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن سان گڏوگڏ ڪراچي جي تمام سيڪٽرڪميٽن جي ميمبرن به شرڪت ڪئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته دنيا جي ڪنهن به حصي يا علائقي ۾ ڪڏهن به ڪائي قوم هميشه کان آباد نه رهي آهي، ڪجھ صدين کان پوءِ اتي ٻين علائقن کان هجرت ڪري ايندڙ ٻيون قومون آباد ٿينديون رهيون آهن. دنيا ۾ ڪائي به قوم اهڙي نه آهي جو اها ڪنهن هڪ ئي هنڌ هميشه اهڙي ئي طرح آباد رهي هجي، انهي جي ڪري ڪنهن به علائقي ۾ آباد ڪنهن به قوم جي تاريخ ڪجھ صدين يا هزار يا ٻن هزار سالن کان وڌيڪ نه آهي. هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن انساني هجرتن جو اهو عمل هلندو رهي ٿو. هجرتن جو اهو عمل نون نون معاشرن کي جنم ڏيئي ٿو،نئين ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ نئين ايجادن جو سبب بڻجي ٿو. انساني تاريخ هجرتن جي مسلسل عمل جي پيداوار آهي. هجرتن جي عمل کان سواءِ انساني تاريخ مڪمل نه ٿي ٿئي. دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ڪائي قوم اڳتي نڪري وڃي ٿي ۽ ڪائي قوم پٺتي رهجي وڃي ٿي. اها حقيقت آهي پر انساني نفسيات اها آهي ته انسان تاريخ جي تلخ حقيقتن کان نه صرف صاف انڪار ڪري ٿو بلڪه انهن حقيقتن کي ٻڌڻ جي لاءِ به تيار نه ٿو ٿئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته دنيا ۾ وسندڙ تمام ماڻهو انسان ئي آهن پر انهن جون مختلف نسلون، زبانون ۽ قومون آهن، قبيلا ۽ برادريون آهن. قرآن پاڪ جي سوره حجرات ۾ الله تعالٰي صاف فرمايو آهي ته اسان انسان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو، پوءِ انهن کي مختلف قومن ۽ قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيو ته جيئن اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهن. جڏهن انسانن کي پاڻ الله تعالٰي هڪ ٻئي جي سڃاڻپ جي لاءِ مختلف قومن ۽ قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيو ته پوءِ ڪنهن به  انسان کي اهو حق نه ٿو پهچي ته اهو ڪنهن به قوم يا قبيلي جي طرفان پنهنجي سڃاڻپ  کي اسلام جي خلاف ،غلط يا بي بنياد قرار ڏيئي، ان کان انڪار ڪري يا ان جي توهين ڪري، جيڪو ائين ڪري ٿو اهو الله تعالٰي جي فرمان مبارڪ جي توهين ڪري ٿو. انهن فرمايو ته ڪائي به قوم اڪيلي نه هوندي آهي بلڪه ذيلي قومن يا ذيلي سڃاڻپن جو مجموعو هوندي آهي. مثال جي طور سنڌ ۾ رهڻ وارا پاڻ کي سنڌي چون ٿا پر اهي به مختلف قومن ۽ قبيلن تي مشتمل آهن جن جي پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ ۽ زبانون آهن. ان مان گهڻيون ئي ٻاهران اچي ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيون آهن. اهڙي طرح مهاجر به 1947 ۾ پاڪستان ٺهڻ وقت هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي ڪري آباد ٿيا هئا جن جي پنهنجي سڃاڻپ آهي.انهن فرمايو ته جڏهن سنڌي هجڻ جي باوجود مختلف قبيلن جي سڃاڻپ تي ڪنهن کي ڪوئي به اعتراض نه آهي ته پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ مهاجرن جي سڃاڻپ تي اعتراض ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ جيڪڏهن ڪوئي سومرو،مهر، کوسو، لغاري، جوڻيجو، سيد ۽ بلوچ هجڻ جي باوجود سنڌي ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڪوئي مهاجر هجڻ جي باوجود سنڌي ڇو نه ٿو ٿي سگهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪجھ ماڻهو مهاجرن کي پناھ گزين قرار ڏيئي ڪري عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مهاجر ۽ پناھ گزين ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجن علائقن ۾ جنگ، ڪنهن به قدرتي آفت، وڏي حادثي يا ڪنهن به وبا ڦيلجڻ جي ڪري پنهنجيون جانيون بچائڻ جي لاءِ عارضي طور تي ڪنهن ٻئي هنڌ پناھ وٺن ٿا ته انهن کي پناھ گزين چيو وڃي ٿو. جن کي حالتون بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجن علائقن ڏانهن واپس وڃڻو پوي ٿو،جڏهن ته جيڪي ماڻهو پنهنجي آبائي وطن کي هميشه هميشه جي لاءِ  ڇڏي ڪري ڪنهن ٻئي علائقي ڏانهن هجرت ڪن ٿا ۽ اهي اتي ئي آباد ٿي وڃن ٿا ته انهن کي مهاجر چيو وڃي ٿو. انهن مثال ڏني ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم پنهنجي آبائي وطن مڪي شريف کي ڇڏي ڪري مديني شريف هجرت ڪئي ۽ فتح مڪي کان پوءِ به پاڻ صلي الله عليه وسلم مديني شريف ۾ ئي رهائش اختيار فرمائي ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو روضو مبارڪ به مديني شريف ۾ ئي آهي.جناب الطاف حسين قرآن پاڪ جي مختلف سورتن جي آيتن مبارڪن جو حوالو ڏيندي فرمايو ته هجرت ڪرڻ وارن کي پاڻ الله تعالٰي قرآن پاڪ ۾ عزت ۽ احترام سان نوازيو آهي، ان جي ڪري انهن جي تذليل ۽ توهين ڪرڻ ۽ لفظ مهاجر کي گار قرار ڏيڻ نعوذ باالله فرمان الٰهي جي توهين آهي ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ۽ صحابه ڪرام جي شان مبارڪ ۾ گستاخي به آهي.


7/17/2024 8:36:09 PM