Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خورشيد شاھ مهاجر لفظ کي گار ڏيئي ڪري پوري مهاجر قوم جي کليل توهين ۽ تذليل ڪئي آهي.محترمه ڪشور زهره.


 Posted on: 10/18/2014
خورشيد شاھ مهاجر لفظ کي گار ڏيئي ڪري پوري مهاجر قوم جي کليل توهين ۽ تذليل ڪئي آهي.محترمه ڪشور زهره.
عالمَ سڳورا خورشيد شاھ جي بيان جو نوٽس وٺن ۽ ان تي فتوٰي جاري ڪن.ايم ڪيو ايم شعبه خواتين ڪشور زهرٰي.
ڪراچي؛ 18 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي شعبه خواتين جي انچارج  محترمه ڪشور زهرٰي ۽ ڪميٽي جي ميمبرياڻين پي پي پي جي رهنما خورشيد شاھ جي ان بيان جي ته مهاجر لفظ منهنجي ويجهو گار آهي، جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي پوري مهاجر قوم جي کليل توهين ۽ تذليل قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته مهاجر لفظ کي گار ڏيڻ تي خورشيد شاھ اهو نه وسارين ته اهي مهاجر ئي هئا جن جي ابن ڏاڏن جاني و مالي قربانيون ڏيئي ڪري صدين کان غلامي جو شڪار سنڌ جي ماڻهن کي آزاد وطن ڏيئي ڪري غلامي کان نجات ڏياري هئي پر اهي مهاجرن جي قربانين جو احترام ڪرڻ جي بجاءِ مسلسل مهاجرن جي توهين ۽ تذليل ڪري رهيا آهن.انهن چيو ته خورشيد شاھ پوري مهاجر قوم جي تذليل ڪئي آهي. انهن چيو ته خورشيد شاھ پنهنجي نفرت ۽ تعصب جي ذريعي سنڌ ۾ نفرت جي باھ ڀڙڪائي آهي ۽ اهي پاڻ شاھ لطيف جي ڌرتي جي لاءِ هڪ گار آهن. انهن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ رهڻ وارا سڀ سنڌي آهن ته خورشيد شاھ جواب ڏين ته وزير اعلٰي هائوس ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪيترا ملازم مهاجر آهن؟ انهن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ رهڻ وارا سڀ سنڌي آهن ته پي پي سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم ڇو نافذ ڪيو هو جيڪو اڄ تائين نافذ آهي.انهن عالمن سڳورن کي اپيل ڪئي ته اهي خورشيد جي بيان جو نوٽس وٺن ۽ ان تي فتوٰي جاري ڪن.


7/17/2024 8:21:12 PM