Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خورشيد شاھ جي طرفان مهاجر قوم جي خلاف بيان کليل تعصب ۽ نسل پرستانه سوچ جو مظهر آهي.


 Posted on: 10/18/2014
خورشيد شاھ جي طرفان مهاجر قوم جي خلاف بيان کليل تعصب ۽ نسل پرستانه سوچ جو مظهر آهي.
ايم ڪيو ايم برطانيه جي طرفان پي پي پي جي رهنما خورشيد شاھ جي بيان جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
لنڊن؛18 آڪٽوبر2014
          متحده قومي موومينٽ برطانيه جي آرگنائزنگ ڪميٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ پي پي پي جي رهنما سيد خورشيد شاھ جي طرفان مهاجرن جي متعلق  واهيات ڳالھ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته خورشيد شاھ جو مهاجر قوم جي خلاف بيان کليل تعصب ۽ نسل پرستانه سوچ جو مظهر آهي. مهاجر قوم وڏيرن ۽ جاگيردارن جي رعايا نه آهي بلڪه پاڪستان جي سڀني کان وڌيڪ تعليم يافته ۽ باشعور قوم آهي. ماضي ۾ به ڪيترن ئي فني خانن مهاجرن کي هن ڌرتي تان ميٽڻ ۽ سمنڊ ۾ اڇلائڻ جي لاءِ ناپاڪ خواب ڏسي چڪا آهن ۽ اڄ به خورشيد شاھ ۽ ان جهڙا متعصب وڏيرا ۽ جاگيردار مهاجر قوم کي پنهنجو غلام بڻائڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن. انهن چيو ته اها تاريخي حقيقت ياد رکڻ گهرجي ته مهاجرن جي ابن ڏاڏن 20 لک جانين جي قرباني ڏيئي ڪري پاڪستان ٺاهيو هو .خورشيد شاھ کي مهاجرن جو احسان مند ٿيڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان جا ابا ڏاڏا پاڪستان نه ٺاهين ها ته انهن جهڙا بي ضمير ماڻهو اڄ به هندن جا نوڪر هجن ها. 

7/17/2024 8:39:54 PM