Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خورشيد شاھ جو لفظ “مهاجر ” تي بيان قابل مذمت آهي.


 Posted on: 10/18/2014
خورشيد شاھ جو لفظ “مهاجر ” تي بيان قابل مذمت آهي.
لفظ مهاجر قرآن و سنت ۽ صحابه ڪرام سان نسبت رکي ٿو.سينيٽر مولانا تنوير الحق ٿانوي.
ڪراچي 18 آڪٽوبر 2014
           متحده بين المسلمين فورم پاڪستان جي صدر سينيٽر مولانا تنوير الحق ٿانوي خورشيد شاھ جي طرفان لفظ مهاجر کي گار سمجهڻ تي سخت تنقيد ڪندي پنهنجو هڪ بيان اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ انهن چيو آهي ته دي گريٽ مين الطاف حسين ۽ متحده قومي موومينٽ کان سياسي خوف جي ڪري خورشيد شاھ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ۽ قرآن و حديث جي عظمت ۽ تقدس کي به پامال ڪري ڇڏيو آهي. لفظ مهاجر الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم جو گهڙيل يا اصطلاع هرگز نه آهي. بلڪه هجرت ۽ مهاجر لفظ ته قرآن پاڪ و حديث مبارڪ ۾ ڪيترن ئي هندن تي آيو آهي. انهن چيو ته خورشيد دنياوي فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ مهاجر لفظ جي توهين ڪئي آهي،انهن چيو ته متحده بين المسلمين فورم پاڪستان سان منسلڪ عالمن سڳورن مطالبو ڪيو آهي ته انتهاپسندي جي خصلت سان جيڪا مهاجر لفظ جي توهين ڪئي وئي آهي ان سان پاڪستان ۽ اسلام جي لاءِ هجرت ڪرڻ وارن جي جيڪا توهين ۽ دل آزاري ٿي آهي، ان تي خورشيد شاھ فوري طور تي معافي وٺن.


7/17/2024 8:36:29 PM