قومي اسيمبلي ۾ حق پرست پارليماني ليڊر ۽ ميمبر رابطا ڪميٽي رشيد گوڏيل جي والده محترمه ڪلثوم احمد گوڏيل جي علالت تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
لنڊن؛ 18 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ قومي اسيمبلي ۾ حق پرست پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل جي والده محترمه ڪلثوم گوڏيل جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين رشيد گوڏيل سميت انهن جي تمام گهر وارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي محترمه ڪلثوم احمد گوڏيل کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدرد عوام کي به اپيل ڪئي ته اهي رشيد گوڏيل جي والده محترمه جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور دعائون ڪن.