Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ ۾سرڪاري نوڪرين ۾ مهاجرن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ انهن کي ڀت سان لڳائڻ جو عمل تعصب وارو آهي ۽ اهو مهاجرن جو کليل معاشي قتل به آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.


 Posted on: 10/17/2014
سنڌ ۾سرڪاري نوڪرين ۾ مهاجرن کي نظر انداز  ڪرڻ  ۽ انهن کي ڀت سان لڳائڻ جو عمل تعصب وارو آهي ۽ اهو مهاجرن جو کليل معاشي قتل به آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
هن وقت سنڌ ۾ پوليس ڊپارٽمينٽ،ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين ادارن ۾ وڏي تعداد ۾  نوڪريون ڏنيون پيون وڃن پر مهاجرن کي بلڪل نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
سنڌ ۾ مهاجرن سان سرڪاري نوڪرين ۾ تعصب ۽ عصبيت جو عمل فوري طور تي بند ڪرايو وڃي. حق پرست ميمبر.
ڪراچي؛ 17 آڪٽوبر2014
            سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي حق پرست ميمبرن سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ مهاجرن سان تعصب وارو ورتاءُ ڪرڻ ۽ انهن کي بنيادي حقن کان محروم رکڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ پوليس ڊپارٽمينٽ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيڪشن، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين ادارن ۾ وڏي تعداد ۾ نوڪريون ڏنيون پيون وڃن پر انهن ۾ مهاجرن کي بلڪل نظر انداز ڪيو پيو وڃي. جنهن جي ڪري مهاجرن ۾ نه صرف احساس محرومي وڌندي پئي وڃي پر انهن جا خاندان مالي مشڪلاتن جو شڪار به ٿيندا پيا وڃن. انهن چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ مهاجرن کي نظرانداز ڪرڻ  وارو عمل تعصب وارو آهي ۽ مهاجرن جي
کليل معاشي قتل جي برابر به آهي.انهن چيو ته سرڪاري نوڪرين ۾ مهاجرن سان تعصب وارو عمل اختيار ڪرڻ جي پويان قوتون سنڌ جي مستقل ماڻهن جي وچ ۾ دوريون پيدا ڪري رهيون آهن ۽ تعصب ۽ عصبيت جا نتيجا ڪنهن به صورت ۾ ملڪ و قوم جي مفاد ۾ نه آهن.انهن چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ محروم رکڻ تي مهاجر هرگز به خاموش رهي نه ٿا سگهن ۽ اهي پنهنجن حقن جي لاءِ آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪندا ۽ هر پليٽ فارم تي ان ظلم ۽ ناانصافي جي خلاف ڀرپور آواز به بلند ڪري مهاجرن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ تعصب کي اجاگر ڪندا.انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي سنڌ ۾ مهاجرن سان سرڪاري نوڪرين ۾ ٿيندڙ تعصب ۽ عصبيت جي عمل کي فوري طور تي بند ڪرائين ۽ مهاجرن کي به نوڪرين ۾ برابر جو حصو ڏنو وڃي ۽ ان ۾ رڪاوٽ وجهندڙ تعصب پرست ماڻهن جي خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪئي وڃي.

7/17/2024 8:28:57 PM