Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نون انتظامي يونٽن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/16/2014
نون انتظامي يونٽن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
نون انتظامي يونٽن جي قيام جو معاملو ڪوئي زباني، ڪلامي يا هوائي ڳالھ نه آهي بلڪه اهو معاملو حقيقت کي ٻڌڻ، ٻڌائڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو آهي.
ڊفينس ڪلفٽن ريزيڊنسي ڪميٽي جي زير اهتمام نون انتظامي يونٽن جي قيام جي ضرورت جي موضوع تي سيمينار کي خطاب.
ڪراچي؛ 16 آڪٽوبر 2014
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان ۾ نون انتظامي يونٽن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن کان هاڻي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.اها ڳالھ انهن اڄ ڊفينس اينڊ ڪلفٽن ريزيڊنسي ڪميٽي جي زير اهتمام منعقد ڪيل سيمينار کي فون تي خطاب ڪندي فرمائي. سيمينار جو موضوع“نون انتظامي يونٽن جي قيام جي ضرورت” هو. ان سيمينار ۾ ملڪ جي ممتاز دانشورن، اديبن، سينيئر صحافين، ليکڪن، سابق بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارين شخصيتن شرڪت ڪئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته نون انتظامي يونٽن جي قيام جو معاملو ڪوئي زباني، ڪلامي يا هوائي ڳالھ نه آهي بلڪه اهو معاملو حقيقت کي ٻڌڻ، ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ جو آهي ته جيئن ان معاملي کي نفرت ۽ تعصب جي عينڪ سان ڏسڻ جي بجاءِ حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ حل ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ ان معاملي کي سمجهڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي ۽ ان کي سمجهڻ جي بجاءِ نفرت جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جناب الطاف حسين سيمينار ۾ دانشورن ۽ سينيئر صحافين جي طرفان ڪئي ويندڙ تقريرن کي ساراهيو ۽ فرمايو ته نون انتظامي يونٽن جي موضوع تي ڪيل تقريرن ۾ علم ۽ ڄاڻ جو ذخيرو آهي ان جي ڪري ان کي ڪتابچي جي شڪل ۾ مرتب ڪيو وڃي ته جيئن عوام خصوصن نوجوانن ۾ تقسيم ڪيو وڃي ۽ انهن کي ان معاملي ۾ ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ۽ اهي نعرن ۽ حقيقت ۾ فرق ڪري سگهن.انهن نون صوبن جي قيام جي حوالي سان “صوبا ڇو ضروري آهن” جي عنوان سان نهايت شاندار ڪتاب مرتب ڪرڻ تي ممتاز دانشور ۽ ڪالم نگار خليل نيني تال والا کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو.


7/17/2024 8:27:57 PM