شهيد ملت خان لياقت علي خان جي 63 هين ورسي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي وفد جي انهن جي مزار تي حاضري ۽ فاتحه خواني.
وفد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مزار تي گلن جي چادر به چڙهائي.
ڪراچي؛ 16 آڪٽوبر2014
ايم ڪيو ايم جي وفد پاڪستان جي پهرين وزير اعظم شهيد ملت خان لياقت علي خان جي 63 هين ورسي جي موقعي تي خان لياقت علي خان جي مزار تي حاضري ڏني ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مزار تي چادر چڙهائي ۽ انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي.ان کان پوءِ وفد بابائي قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي به حاضري ڏني ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي مزار تي گلدستو به رکيو، وفد قائد اعظم جي مغفرت، پاڪستان ۾ امن و امان ۽ ان جي استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون.وفد ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر احمد سليم صديقي، رشيد گوڏيل، عارف خان ايڊووڪيٽ، محترمه نسرين جليل ۽ رابطا ڪميٽي معاون غازي صلاح الدين به موجود هئا.