Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي نون يونٽن جي قيام تي فوري طور تي عمل ڪيو وڃي. گلفراز خان خٽڪ.


 Posted on: 10/16/2014
ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي نون يونٽن جي قيام تي فوري طور تي عمل ڪيو وڃي. گلفراز خان خٽڪ.
ايم ڪيو ايم پختون آرگنائزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام ناظم آباد يوسي 7 ۾ منعقده پختون ڪارڪنن،همدردن ۽ معززن جي اجتماع کي خطاب.
ڪراچي؛16 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر گلفراز خان خٽڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي نون يونٽن جي قيام تي فوري طور تي عمل ڪيو وڃي ۽ جيڪي نام نهاد قوم پرست ۽ سياسي و مذهبي جماعتون انتظامي يونٽن جي قيام تي واويلا مچائي رهيون آهن اهي ملڪ ۾ قومي يڪجهتي جي فروغ جون مخالف آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم پختون آرگنائزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام نارٿ ناظم آباد يوسي 7 ۾ منعقده ڪيل ڪارڪنن ، همدردن ۽ معززن جي هڪ اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ميمبر ريحان هاشمي، پي او سي انچارج ۽ ٻيا به موجود هئا.گلفراز خان خٽڪ چيو ته دنيا ۾ اڄ جيڪي ملڪ ترقي يافته آهن انهن قومي يڪجهتي ، ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ وڌ کان وڌ انتظامي بنيادن تي يونٽ قائم ڪيا. جنهن سان نه صرف انهن ملڪن جي ماڻهن ۾ احساس محرومي جو خاتمو ٿيو بلڪه اها ڳالھ به ثابت ٿي وئي ته انتظامي يونٽن جي قيام سان ملڪ ڪمزور نه بلڪه مظبوط ٿيندا آهن. انهن چيو ته پاڪستان ۾ انتظامي بنيادن تي نون يونٽن جا مخالف عوامي حقن تي پنهنجو تسلط برقرار رکڻ چاهين ٿا ۽ عوام کي محرومين جي ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ چاهين ٿا جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين نون انتظامي يونٽن جو مطالبو ڪري ملڪ جي مظلوم عوام جي ترجماني ڪئي آهي.

7/17/2024 8:32:30 PM