Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شهيد ملت خان لياقت علي خان جي قتل سميت مهاجرن تي ڪيل ظلمن، قتل و غارتگري جي واقعن ۽ سانحن جي تحقيقات ڪري اصل حقيقت کان سڄي ملڪ جي عوام کي آگاھ ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/16/2014
شهيد ملت خان لياقت علي خان جي قتل سميت مهاجرن تي ڪيل ظلمن، قتل و غارتگري جي واقعن ۽ سانحن جي تحقيقات ڪري اصل حقيقت کان سڄي ملڪ جي عوام کي آگاھ ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
شهيد لياقت علي خان وفا ۽ خلوص جا پيڪر هئا ۽ انهن جي قرباني ڪڏهن به رائيگان نه ويندي.
لياقت علي خان جي 63 هين ورسي جي موقعي تي پوري قوم انهن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛16 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان جي پهرين وزير اعظم شهيد ملت نواب لياقت علي خان جي قتل جي اصل سببن تي اڄ تائين پردو پيل آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان جي حڪمرانن کي ملڪ جي صحيح سمت ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن ته لياقت علي خان جي قتل سميت مهاجرن تي ڪيل ظلمن ، قتل و غارتگري جي واقعن ۽ سانحن جي تحقيقات ڪري اصل حقيقت کان سڄي ملڪ جي عوام کي آگاھ ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي.شهيد ملت خان لياقت علي خان جي 63 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي بيان ۾ انهن فرمايو ته لياقت علي خان جي قرباني ڪڏهن به رائيگان نه ويندي ۽ پاڪستان ۾ غريب  ۽ وچولي طبقي جي قيادت جو انقلاب ضرور ايندو. انهن فرمايو ته لياقت علي خان وفا ۽ خلوص جا پيڪر هئا، ملڪ ۽ قوم جي بدقسمتي اها رهي ته انهن کي راولپنڊي جي هڪ جلسي ۾ هڪ مڪروھ سازش جي تحت بيدردي سان شهيد ڪيو ويو ۽ قتل جي تحقيقات به سردخاني جي نذر ڪري ڇڏي وئي. انهن فرمايو ته قوم لياقت علي خان کي شهيد ملت جو لقب ڏنو پر ان جي قتل جي اصل سببن کان قوم اڄ به محروم آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان جي قيام جي لاءِ لياقت علي خان محنت ، لگن ۽ خلوص نيت سان ڪم ڪيو ۽ پنهنجي تمام دولت ئي نه بلڪه پنهنجي جان به ملڪ و قوم جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي. جنهن تي پوري قوم شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته لياقت علي خان شهيد جي قتل جا سبب ۽ ان جي تحقيقات عوام جي سامهون آندي وڃي ۽ ملڪ و قوم جي خاطر قربانيون ڏيڻ وارن مهاجرن جي خلاف ظلمن ۽ ناانصافين جو سلسلو بند ڪرايو وڃي ۽ مهاجرن جي قتل عام جا جيترا به سانحا ڪرايا ويا آهن انهن جي تحقيقات ڪري اصل حقيقتون عوام جي سامهون آنديون وڃن. ان سلسلي ۾ انصاف جا تمام تقاضا پورا ڪري ملڪ جي هڪ وڏي طبقي ۾ پائي ويندڙ احساس محرومي جي شدت ۾ ڪمي جي لاءِ مثبت قدمَ کنيا وڃن.

7/17/2024 8:23:36 PM