رابطا ڪميٽي ميمبر و صوبائي مشير برائي اوقاف عبدالحسيب بدين ۾ معروف بزرگ سيد سمن سرڪار جي مزار شريف تي جناب الطاف حسين جي طرفان چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني ڪئي.
بدين؛ 14 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ صوبائي مشير برائي اوقاف عبدالحسيب بدين ۾ معروف بزرگ سيد سمن سرڪار جي عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مزار شريف تي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم بدين زون جو انچارج ، زونل ڪميٽي ۽ يونٽ جا ذميوار به انهن سان هئا،ان کان پوءِ انهن بدين زون يونٽ پنگر يو جي يونٽ ڪميٽي جي ميمبر الله داد پنگريو جي رهائشگاھ تي وڃي ڪري انهن جي والد جي وفات تي انهن سان تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي