Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شهر جي هر علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي واٽر بورڊ جي ذميواري آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


 Posted on: 10/14/2014
شهر جي هر علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي واٽر بورڊ جي ذميواري آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
شهر جي جن علائقن ۾ پاڻي جي سخت قلت آهي اتي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي آفيسرن سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛14 آڪٽوبر2014
             ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته شهر جي هر علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي واٽر بورڊ جي ذميواري آهي ان جي ڪري شهر جي جن علائقن ۾ پاڻي جي سخت قلت آهي ۽ ناغه سسٽم جي باوجود پاڻي جي عدم فراهمي سان شهري پريشان آهن، اتي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. انهن چيو ته منهنجي تڪ ۾ رمضان شريف کان پاڻي جي قلت آهي جنهن جي ڪري انهن علائقن ۾ ڪربلا جو منظر آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي آفيسرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اولڊ سٽي ايريا، کارادر ۽ مختلف علائقن جا وفد به موجود هئا.جڏهن ته ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر افتخار احمد خان ، چيف انجنيئر سائوٿ محمد عارف خان، چيف انجنيئر  ڊبليو ٽي ايم ظفر علي پليجو ۽ ٻيا به موجود هئا.وفد ڊاڪٽر فاروق ستار کي پنهنجن علائقن ۾ پاڻي جي سخت قلت ۽ سيوريج جي مسئلن کان آگاھ ڪيو. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اولڊ سٽي ايريا، صدر، کارادر ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جي سخت قلت آهي، جنهن جي ڪري شهري پيسن سان پاڻي خريد ڪري رهيا آهن.ان جي ڪري تمام علائقن ۾ پاڻي جي قلت دور ڪئي وڃي نه ته ٻئيصورت ۾ عوام احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. انهن چيو ته اها ڳالھ اصولي طور تي طئي ٿي چڪي آهي ته واٽر بورڊ انهن علائقن ۾ بغير ڪنهن وقفي جي هفتي ۾ 3 ڏينهن پاڻي فراهم ڪندو ۽ سيوريج جي مسئلن کي به ترجيحي بنيادن تي حل ڪندو.واٽر بورڊ جي آفيسرن ٻڌايو ته بجلي جي بندش ۽ 100 ملين گيلن پاڻي جي عدم فراهمي جي ڪري پاڻي جي قلت جو سامنو آهي جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان واٽر بورڊ جي تمام پمپنگ اسٽيشنز کي بجلي جي بريڪ ڊائون جو سامنو به آهي. جنهن جي ڪري پاڻي جي فراهمي جو سسٽم سخت دٻاءُ جو شڪار آهي ، انهن يقين ڏياريو ته مناسب حڪمت عملي اختيار ڪندي انهن علائقن کي هفتي ۾ 3 ڏينهن شيڊول ۽ بغير ڪنهن وقفي جي پاڻي فراهم ڪيو ويندو ته جيئن انهن علائقن کي پاڻي جي قلت کان نجات ملي سگهي، جڏهن ته چيف انجنيئر ڊبليو ٽي ايم ۽ چيف انجنيئر سائوٿ گڏجي ڪري  حڪمت عملي سان انهن مسئلن کي حل ڪندا.

7/17/2024 8:38:02 PM